شهر ۾ حاجي عبدالرزاق ميمڻ پاران نوجوانن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ گرائونڊ ڏئي افتتاح ڪيو

مٽياري : سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراه حاجي عبدالرزاق ميمڻ مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي نوجوانن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ گرائونڊ ڏئي افتتاح ڪري سماجي خدمت جو اعلي مثال قائم ڪري ڇڏيو شهر جي نوجوانن ۾ سرهائي . تفصيل موجب مٽياري ضلعي جي ناليواري شخصيت سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراه حاجي عبدالرزاق ميمڻ مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي نوجوانن کي ڪرڪيٽ گرائونڊ ڏيڻ جو واعدو وفا ڪندي ڪرڪيٽ گرائونڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي هن مٽياري شهر جي مک علائقي ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ لاءِ پنهنجي ذاتي زمين ڏئي سماجي خدمت جو اعلي مثال قائم ڪيو آهي هلندڙ سال هن ايس آء يو ٽي جهڙي فلاحي اداري لاءِ پڻ پنهنجي ذاتي زمين ۽ 7 ڪروڙ رپيا فنڊ ڏنا هئا ڪرڪيٽ گرائونڊ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي افسوس جي ڳالھ آھي هتان جا چونڊيل نمائندا هن ضلعي جي عوام کي لڳاتار نظرانداز ڪري رهيا آهن نوجوان قومن جو اثاثو هوندا آهن پر هن ضلعي ۾ نوجوانن کي ڪابه بنيادي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي مون وٽ ڪجهه ڏينهن اڳ شهر جا نوجوان آيا هئا جن ڪرڪيٽ گرائونڊ وٺي ڏيڻ لاءِ چيو مون هنن کي چيو آئون اقتدار ۾ ناهيان ان لاءِ اهو ڪم مشڪل آهي باقي جيسيتائين شهر جي نوجوانن لاءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ منظور ڪرايون تيستائين منهنجي ذاتي زمين ڏيڻ لاءِ تيار آهيان جنهن تي اوهان ڪرڪيٽ کيڏي سگهو ٿا اڄ الله جي مهرباني سان ان گرائونڊ جو افتتاح ڪري رهيو آهيان جنهن سان دلي سڪون مليو آهي هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته هتان جي ماڻهن جي وڌ کان وڌ خدمت ڪريان. ان موقعي تي نوجوانن ڪرڪيٽرن، عبيد الله ميمڻ، ساجد خاصخيلي، حيدر کوسو، احسان علي، دادن ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان جي لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي اسان گهڻي عرصي کان هتان جي چونڊيل نمائندن توڙي ڪامورن جي درن جا ڌڪا کائي رهيا هئاسين پر ڪنهن به اسان کي ڪرڪيٽ گرائونڊ نه ڏنو صرف ڏٽا ڏيندا رهيا پر حاجي عبدالرزاق ميمڻ اسان سان ڪيل واعدو وفا ڪري اسان جي دل کٽي ورتي آهي ان موقعي تي شهر جي نوجوانن پاران سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراه کي لونگين ۽ اجرڪن جا پڻ پيش ڪيا ويا

Read Previous

پاڪستان اسان جو ملڪ آھي پر سنڌ اسان جي امڙ آھي ۽ ان جي حقن تي اسان هر گز ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: ام ارباب چانڊيو

Read Next

قاضي احمد: نواب غيبي سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جي بنگلن تي پوليس پاران چڙھايون خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular