قاضي احمد: نواب غيبي سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جي بنگلن تي پوليس پاران چڙھايون خلاف احتجاج ڪندي

رپورٽ علي نواز جتوئي) قاضي احمد ..نواب غيبي سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو  جي بنگلن تي پوليس پاران چڙھايون ڪري ڇاپا ھڻڻ خلاف  تعلقه قاضي احمد جي مختلف ڳوٺن جي چانڊيا برادري پاران ايڊمور پمپ کان رئيس شبير چانڊيو .غلام مصطفي ا چانڊيو.  عبدالقادر چانڊيو انور چانڊيو.  رئيس عبدالرحمان چانڊيو. عبدالڪريم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي  وڏي انگ ۾ چانڊيا برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي ريلي تعلقه پريس ڪلب اڳيان پھتي جتي مظاھرين پاران  آء جي سنڌ پوليس کي ھٽائڻ جا زوردار نعرا ھنيا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  نواب غيبي  سردار خان چانڊيو خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن ۽  کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ بناجواز جي پوليس چڙھايون ڪري ڇاپا ھنيا پيا وڃن جيڪو غيرقانوني عمل آھي  اسان آء جي سنڌ پوليس جي اھڙي غلط عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته آء جي سنڌ پوليس کي فورن  ھٽايو وڃي…

Read Previous

شهر ۾ حاجي عبدالرزاق ميمڻ پاران نوجوانن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ گرائونڊ ڏئي افتتاح ڪيو

Read Next

قاضي احمد ٽائون ڪاميٽي ملازم پاران پگهارن لاءِ احتجاج مظاهرو

Most Popular