قاضي احمد ٽائون ڪاميٽي ملازم پاران پگهارن لاءِ احتجاج مظاهرو

قاضي احمد ( رپورٽ علي نواز جتوئي ) قاضي احمد ۾ ٽائون ڪاميٽي سان تعلق رکندڙ  مڪاني ادارن جي ملازمن آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي سڏ تي ملازمن جي پگهار آن لائين ٽريزري ذريعي ڏيڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءُ ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي صدر عبدالقادر  قادر ڏاهري  ,جنرل سيڪريٽري غازي کوسو,آصف ڏاهري نائب صدر , ارشاد علي اياز علي انڙ  سيد علي مرتضي ا شاھ ,امياز خاصخيلي  ۽ رانا مصطفي ا راجپوت جي اڳواڻي ۾  وڏي انگ ۾ ملازمن بيئنر ۽ پلي ڪارڊ ھٿن  ۾ کڻي ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت  نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سمورن سرڪاري ادارن جي ملازمن کي ٽريزري ذريعي پگهارن جي ادائگي ڪئي پئي وڃي پر مقاني ادارن جي ملازمن سان ناانصافي ڪندي پگهار ٽريزري ذريعي نه پيون ڏنيون وڃن جيڪا وڏي ناانصافي آھي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جون پگهارون ٽريزري زريعي ڪيون وڃن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي سن ڪوٽا گروپ انشورنس مهانگائي جي ڪري 100 پرسنٽ پگهار وڌائي وڃي

Read Previous

قاضي احمد: نواب غيبي سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جي بنگلن تي پوليس پاران چڙھايون خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

ايريگيشن ملازمن تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف اسڪارپ ايريگيشن ٽيوب ويلجي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

Most Popular