ايريگيشن ملازمن تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف اسڪارپ ايريگيشن ٽيوب ويلجي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) ايريگيشن بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ جو پاڻي چورائيندڙ اسلم ميراڻي، غلام مرتضيٰ ميراڻي ۽ ٻين ماڻهن پاران ايريگيشن ملازمن تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف اسڪارپ ايريگيشن ٽيوب ويل ڊويزن نوشهروفيروز جي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي خادم حسين مري، ساگر يوسف منگي، علي نواز سولنگي، فقير محمد لاشاري، آصف لاڙڪ، حاجي فيضل لاڙڪ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن ملازمن فراز سهتو، فدا احمداڻي، طارق تي پاڻي چوري ڪندڙ جوابدار اسلم ميراڻي، غلام مرتضيٰ ميراڻي ۽ ٻين ماڻهن قاتلاڻو حملو ڪري کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن مان ٻن ڄڻن جي حالت تشويشناڪ آهي جنهن کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي اسان اهڙي قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته ايريگيشن ملازمن تي حملا ۽ انهن کي هيسائڻ وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو نه ئي وري ڪنهن پاڻي چور کي معاف ڪيو ويندو. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايريگيشن ملازمن تي حملو ڪندڙ ۽ پاڻي چوري ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن پاران سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

قاضي احمد ٽائون ڪاميٽي ملازم پاران پگهارن لاءِ احتجاج مظاهرو

Read Next

ڪنڊيارو : ڳوٺ بُدڪ واسي سرڪاري ملازم جي زيادتين احتجاج

Most Popular