ڪنڊيارو : ڳوٺ بُدڪ واسي سرڪاري ملازم جي زيادتين احتجاج

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) ڪنڊيارو جي ڳوٺ بُدڪ جا رهواسي سرڪاري ملازم جي زيادتين، ڳوٺ ۾ انتشار ڦهلائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺ جي چڱي مڙس محمد اشرف سهتو، محمد ڇٽل، شاهه محمد، حبيب الله سهتو، سڌير احمد ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي پاڙي جي جامع مسجد ۾ حافظ سعيد احمد پيش امام مقرر ٿيل آهي ان باوجود سرڪاري ملازم مولوي حبيب الله سيٺر ڳوٺ ۾ ڦڏا فساد ڪرائڻ ۽ انتشار ڦهلائڻ لاءِ ساڳي ئي مسجد ۾ 2 جماعتون ڪرائي رهيو آهي. ڳوٺ جي چڱي مڙس پاران منع ڪرڻ باوجود هو الٽو اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهي ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته مولوي حبيب الله سيٺر چوي ٿو ته 5 لک رپيا ڏيو ته مان مسجد ڇڏي هليو ويندس هو مسجد جون سِرون به کڻي ويو آهي جيڪو واپس ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مولوي حبيب الله سيٺر ڳوٺاڻن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته توهان کي مسجد ۾ نماز پڙهڻ به ڪو نه ڏيندس. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ انتشار ڦهلائيندڙ مولوي حبيب الله کي گرفتار ڪري ڳوٺاڻن کي تحفظ ڏنو وڃي.

Read Previous

ايريگيشن ملازمن تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف اسڪارپ ايريگيشن ٽيوب ويلجي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

Read Next

جي يو آئي مرڪزي سڏ تي حضور صہ جا گستاخ شايع خلاف جي یو آء ۽ جي ٽي آء پاران احتجاجي مظاهرو

Most Popular