ووٽ رجسٽريشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو

خيرپور (ڊر) ووٽ رجسٽريشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول خيرپور ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ظهير احمد سهتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات عامره زرتاش، صدر وومين ايسوسيئيشن خيرپور ايڊووڪيٽ خالده رياض ۽ معذورن بابت سماجي تنظيم جي عنصر سنڌو سميت وڏي تعداد ۾ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ظهير احمد سهتو خطاب ڪندي چيو ته گرلز اسڪول ۾ سيمينار منعقد ڪرڻ جو بنيادي مقصد شاگردياڻين ۾ ووٽ جي اهميت بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن اسان جون نياڻيون 18 سالن جي عمر کي پهچندي ئي فوري طور تي پنهنجا ووٽ رجسٽرڊ ڪرائن ۽ مستقبل ۾ ووٽ جو درست استعمال ڪري قومي فرض ادا ڪن. هن چيو ته ووٽ ذريعي ئي معاشري ۾ تبديلي ايندي آهي جڏهن ته اسان وٽ بدقسمتي سان عورتن جي ووٽ جو ٽرن آئوٽ تمام گهٽ هجي ٿو انڪري نياڻين کي گهرجي ته هو ووٽ جي اهميت کي سمجهي معاشري کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ٻين نياڻين ۾ به شعور پيدا ڪن. سيمينار کي ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات عامره زرتاش، ايڊووڪيٽ خالده رياض ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سيمينار دوران 2 شاگردياڻين کي اسٽيج تي گهرائي چونڊ عمل جو ڊيمو پڻ پيش ڪيو ويو.

Read Previous

جي يو آئي مرڪزي سڏ تي حضور صہ جا گستاخ شايع خلاف جي یو آء ۽ جي ٽي آء پاران احتجاجي مظاهرو

Read Next

ضلعي ڪائونسل جي فنڊ مان 14 نومبر تي ديوالي واري ڏهاڙي کان پهريان غريب ۽ مستحق اقليتن ۾ ڪپڙا ۽ راشن ورهائڻ جي سلسلي ۾ نالن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي

Most Popular