ضلعي ڪائونسل جي فنڊ مان 14 نومبر تي ديوالي واري ڏهاڙي کان پهريان غريب ۽ مستحق اقليتن ۾ ڪپڙا ۽ راشن ورهائڻ جي سلسلي ۾ نالن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي

خيرپور (رانجهن شيخ) ضلعي ايڊمنسٽريٽر / ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي 14 نومبر تي اقليتن جي ديوالي ۽ ٻين جائز مسئلن جي حل لاءِ ڪامريڊ سرور مارواڙي جي سربراهي ۾ آيل وفد سان ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ملاقات ڪري سندن جا مسئلا ٻڌا ۽ مسئلن جي فوري حل جي يقين دهاني ڪرائي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل خيرپور کي هدايت ڪندي چيو ته ضلعي ڪائونسل جي فنڊ مان 14 نومبر تي ديوالي واري ڏهاڙي کان پهريان غريب ۽ مستحق اقليتن ۾ ڪپڙا ۽ راشن ورهائڻ جي سلسلي ۾ نالن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي ته جيئن ديوالي کان پهريان سندن ۾ ڪپڙا ۽ راشن تقسيم ڪري سگھجي، هن اقليتن جي جان و مال جي حفاظت لاءِ پڻ هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ضمير احمد جاگيراڻي، صادو مل، رائچند، چنيسر مل ۽ ٻين اقليتي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

Read Previous

ووٽ رجسٽريشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو

Read Next

سنڌ حڪومت کي فوتي ڪوٽا تحت 24 نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ جي سفارش موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

Most Popular