سنڌ حڪومت کي فوتي ڪوٽا تحت 24 نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ جي سفارش موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

سانگهڙ(رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا سنڌ حڪومت کي فوتي ڪوٽا تحت 24 نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ جي سفارش موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سندس صدارت هيٺ  رٿيل گڏجاڻي ۾ ضلعي اندر فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي وارثن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي جنهن دوران 24 نوجوانن کي فوتي ڪوٽا تحت نوڪري لاءِ اهل قرار ڏنو ويو جن ۾ 15 اميدوار تعليم کاتي، 3 اميدوار صحت کاتي، 5 اميدوار مقاني ادارن واري کاتي ۽ هڪ اميدوار هاء ويز جو شامل آهي جن کي نوڪري ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي ويندي.

Read Previous

ضلعي ڪائونسل جي فنڊ مان 14 نومبر تي ديوالي واري ڏهاڙي کان پهريان غريب ۽ مستحق اقليتن ۾ ڪپڙا ۽ راشن ورهائڻ جي سلسلي ۾ نالن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي

Read Next

نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ شريف چانڊيو جي رھواسين پاران نينگري جي مبينه طور اغوا خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular