نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ شريف چانڊيو جي رھواسين پاران نينگري جي مبينه طور اغوا خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ شريف چانڊيو جي رھواسين پاران نينگري جي مبينه طور اغوا خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ نينگري جي والد اقبال چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي 10 ورھين کي نينگري ثمينه کي جوابدار اعجاز چانڊيو، رانجھو چانڊيو، سجاد ۽  ٻيا ٽي ڏينھن اڳ رات جي وقت گھر مان ھٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري ويا آھن، جنھن بعد اسان واقعي جي شڪايت حد جي ٿاڻي جي داخل ڪرائڻ وياسين ته پنھل خان چانڊيو ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، ھنن چيو ته حد جي پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي ۽ اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ھنن چيو ته اسان غريب آھيون، جوابدارن منھنجي نينگري کي اغوا ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته منھنجي اغوا ٿيل ڌي کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي.

Read Previous

سنڌ حڪومت کي فوتي ڪوٽا تحت 24 نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ جي سفارش موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

Read Next

بي سيڪشن پوليس جي لائين پار جي نٽ پاڙي ۾ ڇاپو مبينه طور اغوا ٿيل نينگري تھمينہ کي بازياب ڪرائي ورتو

Most Popular