بي سيڪشن پوليس جي لائين پار جي نٽ پاڙي ۾ ڇاپو مبينه طور اغوا ٿيل نينگري تھمينہ کي بازياب ڪرائي ورتو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) بي سيڪشن پوليس نوابشاهه جي علائقي لائين پار جي نٽ پاڙي ۾ ڇاپو ھڻي مبينه طور اغوا ٿيل نينگري 13 ورھين جي تھمينہ ڌي عبدالخالق کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو، بي سيڪشن پوليس نينگري کي بازياب ڪرائڻ کانپوءِ وومين پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس ذريعن موجب ٽي سال اڳ بھاولپور مان مبينه طور نينگري کي اغوا ڪري سکر آندو ويو جتي جوابدارن نوابشاهه جي بازار حسن ۾ نينگري کي پنجن لکن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو جنھن بعد نينگري موبائل فون ذريعي پنھنجي والدين سان رابطو ڪيو جنھن بعد ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد آباد تنوير حسين تنيو واقعي جو نوٽس وٺي ڇوڪري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڏھن ته نينگري کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ آيل عورت مسمات پکھراج کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نينگري کي اڄ جڊيشل مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ پيشو ڪيو ويو جتي ناري عدالت کي بيان ڏنو ته مونکي ٻن ماڻھن اغوا ڪيو جنھن کانپوءِ مون کي سکر، نوابشاهه ۽ ڪراچي ۾ فحاشي اڏن تي بد پيشو ڪرائڻ سان گڏ مونتي تشدد ڪندا ھئا، جنھن کانپوءِ مون وجھ وٺي پنھنجي والدين کي ٻڌايو جنھن پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن مونکي بازياب ڪرايو، جڏھن ته عدالت ناري جي بيان کانپوءِ سندس والد عبدالخالق جي حوالي ڪري ڇڏيو.

Read Previous

نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ شريف چانڊيو جي رھواسين پاران نينگري جي مبينه طور اغوا خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

جميعت علماء اسلام راڻيپور پاران تحفظ ناموس رسالت ۽ فرانس ۾ ٺھندڙ گستاخانا خاڪا ٺاهڻ خلاف مدرسه دارالفيوض کان ريلي ڪڍي وئي ريلي

Most Popular