اداڪار شان پاران پاڪستاني ڊرامن جي ڪهاڻين تي تنقيد

ڪراچي: پاڪستان شوبز جي سپر اسٽار شان شاهد پاڪستان جي ڊرامن جي ڪهاڻين ۾ وڌندڙ طلاق جي رجحان تي تنقيد ڪئي. پاڪستان ٽي وي جي مشهور مزاحيه ميزبان مصطفيٰ چوڌري مائيڪرو بلاگنگ ويب سائٽ ٽوئٽر تي پاڪستاني ڊرامن ۾ ڏيکاري ويندڙ وڌندڙ طلاق جي شرح جي رجحان تي پنهنجي مخصوص مزاحيا انداز ۾ تنقيد ڪئي آهي ۽ هڪ خانگي چينل جو نالو وٺندي چيو”يا الله روز جي 60 ڊارمن ۾ جنهن جنهن ڇوڪريءَ کي طلاق ملڻي آهي ان جو گهر بچاءِ، آمين“ مصطفيٰ چوڌري جي ان ٽوئيٽ جي جواب ۾ اداڪار شان به پاڪستاني ڊرامن جي ڪهاڻين تي تنقيد ڪندي چيو آهي” توهان صحيح چيو آهي، هاڻ ته طلاق جي آفيس به کولڻ گهرجي، ايتري پروموشن کانپوءِ“ مصطفيٰ چوڌري ۽ اداڪار شان جي اهڙي ٽوئيٽ تي ماڻهن به تنقيد ڪئي آهي، نازش نالي عورت به ڊرامن تي ڪاوڙ ڪندي لکيو ته پاڪستاني ڊرامن ۾ اڄڪلهه طلاق، پهرين زال کي ٻڌائڻ کانسواءِ ٻي شادي، زال تي ظلم ۽ نيڻان جي ڀاڄائين سان ويڙهه انهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪان. 

Read Previous

آمريڪي صدارتي اليڪشن دوران ڪورونا ڪيسز ۾ ريڪارڊ اضافو

Read Next

شاداب خان زمبابوي خلاف پهرئين ٽي ٽوئنٽي ۾ شرڪت نه ڪندو

Most Popular