آمريڪي صدارتي اليڪشن دوران ڪورونا ڪيسز ۾ ريڪارڊ اضافو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن دوران چونڊ مهم ۽ آزادي سان اجتماعن سبب ڪرونا جي ڪيسز ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي. عالمي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ لک 23 هزار 85 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪو روزاني جي بنياد هڪ ريڪارڊ آهي. آمريڪا ڪورونا ڪيسز جي مجموعي انگ ۽ فوتگين جي حوالي سان گهڻو متاثر ملڪ آهي جتي مجموعي طور تي 96 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا کان متاثر ٿيا جڏهن ته 2 لک 34 هزار ماڻهو فوت ٿيا. آمريڪا ۾ ڪورونا جي ايڏي وڏي تباهي باوجود صدارتي اليڪشن ۾ ايس او پيز جي وڏي لتاڙ ڪئي وئي ۽ چونڊ مهم دوران جلسا جلسو ڪڍيا ويا جنهن ڪري نوان ڪيس سامهون آيا.

Read Previous

ايم اين اي پ پ پ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جن جي تعزيت

Read Next

اداڪار شان پاران پاڪستاني ڊرامن جي ڪهاڻين تي تنقيد

Most Popular