سنڌ سان محبت رکندڙ محبت سنڌ ريلي سان گڏ آھن : راشد محمود سومرو

مٽياري : جمعيت علماء اسلام سنڌ جي قائد راشد محمود سومرو کيبر ۾ اسلام زنده باد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته, سنڌ سان محبت رکندڙ محبت سنڌ ريلي سان گڏ آھن,  سر تريء  تي رکي سنڌ ڌرتي جي حفاظت ڪنداسين, وفاقي حڪومت جي سنڌ دشمن منصوبن کي نٿا مڃون, سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ واسين جو  بنيادي قانوني حق آھي, راشد سومرو چيو ته عمران نيازي جي حڪومت جي تڏا ويڙھ شروع ٿيڻ واري آھي, نيازي جي حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي, غريب عوام مهانگائي سبب سخت پريشان آهي, فرانس جي بدمعاشي پٺيان بين الاقوامي سازشن ۽ قوتن جو هٿ آھي, راشد سومرو چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ نيازي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندي۔

Read Previous

2 نومبر کان 6 نومبر 2020 تائين جاري انسداد پوليو مهم جي آخري ڏينهن به جاري

Read Next

قومي عوامي تحريڪ جو محبت سنڌ بيداري مارچ ڀٽ شاھ کان مٽياري پهتو

Most Popular