قومي عوامي تحريڪ جو محبت سنڌ بيداري مارچ ڀٽ شاھ کان مٽياري پهتو

مٽياري : قومي عوامي تحريڪ جو محبت سنڌ بيداري مارچ ڀٽ شاھ کان مٽياري پهتو وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي غير آئيني طريقي سان قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪارونجهر جبل جي وڪري خلاف ڪنڌڪوٽ مان نڪتل بيداري مارچ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاه کان مٽياري پهچڻ تي کيبر، سيکاٽ ۽ بائودیرو ۾ محبت سنڌ بيداري مارچ جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو  مٽیاري ۾ پهتل بيداري مارچ جو پريس ڪلب مٽیاري تي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ماجد علي خاصخيلي، نبي بخش، سليم احمد، رفيق کوسو ايڊووڪيٽ انور لاشاري جسقم جي ڪارڪنن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران بيداري مارچ جي سرواڻ اياز لطيف پليجو کي اجرڪن  ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا ويا ،محبت سنڌ بيداري مارچ ۾  ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ـ ڊاڪٽر مظھر راھوجو ـ انور نوحاڻي ـ محمود رخشاڻي ـ سسئي لاکو ـ زينت سمون ـ ھزار ناز ڪنڊراڻي سميت وڏي انگ ۾ مرد ڪارڪن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون عورتون بـ شامل هيون مٽياري پريس ڪلب آڏو بيداري مارچ کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجو چيو تـ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي خاموش ٿي نه ويهنداسين سنڌ جي وسيلن تي قبضو برداشت نـ ڪنداسين ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ڌرتي جي حفاظت لاءِ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ شهر شهر جو دورو ڪري رهيا آهيون ، وفاقي حڪومت کي سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪنهن بـ صورت ۾ اجازت نـ ڏينداسين، ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجو ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته قومي عوامي تحريڪ سنڌي ماڻهن کي بيدار ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪتل آهي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جي وسيلن کي کپائڻ گهرن ٿيون ھن چيو ته سنڌ جي قدرتي وسيلن توڙي ٻيٽن تي پهريون حق سنڌ جو آهي جن کي مال غنيمت سمجهي لٽيو پيو وڃي آئون هڪ جلسو ڪري گهر ويهي رهان ها پر سنڌ بچائڻ لاءِ عملي جدوجهد جي ضرورت آهي گهر گهر وڃي عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ جو دورو ڪيو آهي هن چيو ته اسان جو مارچ 8 نومبر تي ڪراچي پهچندو جتي لکين سنڌي گڏ ٿي حڪمرانن کي ڏيکاريندا ته سنڌي قوم اڃا جاڳي پئي ۽ پنهنجي قدرتي وسيلن توڙي ٻيٽن جي مالڪي بخوبي ڄاڻي ٿي،،،، ،

Read Previous

سنڌ سان محبت رکندڙ محبت سنڌ ريلي سان گڏ آھن : راشد محمود سومرو

Read Next

جمعت علماء اسلام ف پاران فرانس طرفان نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخانہ خاڪا جاري ڪرڻ خلاف احتجاج ۽ سخت نعريبازي

Most Popular