جمعت علماء اسلام ف پاران فرانس طرفان نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخانہ خاڪا جاري ڪرڻ خلاف احتجاج ۽ سخت نعريبازي

مٽياري :  جمعت علماء اسلام ف ضلعي مٽياري پاران فرانس طرفان نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخانہ خاڪا جاري ڪرڻ خلاف ڪوٽ واري مسجد کان پريس ڪلب مٽياري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي هزارين ماڻهو شريڪ فرانسيسي صدر خلاف سخت نعريبازي پتلا ساڙي احتجاج ڪيو ويو. تفصيل موجب جي يو آئي ف ضلعي مٽياري پاران فرانس طرفان نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخانہ خاڪا جاري ڪرڻ خلاف ڪوٽ واري مسجد کان پريس ڪلب مٽياري تائين سوين گاڏين موٽر سائيڪلن تي مشتمل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيﷺ جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي وئي اتي ريلي ۾ شريڪ مظاهرين فرانسيسي صدر جي پتلن کي باھ ڏئي ساڙي سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ان موقعي تي اڳواڻن جي يو آئي ف مٽياري ضلعي جي امير حاجي سارنگ منگواڻو، نائب امیر مولانا عبدالقدوس ميمڻ، سليم سنڌي ،مولانا رجب نوحپوٽو، امير علي کوسو،حافظ نثار احمد سمون ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام ۾ توهين رسالت ڪرڻ واري جي سزا صرف موت آهي يورپ ۽ مغرب هميشه نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي جنهن پوري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي پر مسلم امہ جا اڳواڻ اڄ ڏينهن تائين هن اهم مسئلي کي دنيا آڏو نه رکي سگهيا آهن هنن چيو ته اسان پنهنجي نبي کي سڄي دنيا جي انسانن کان وڌيڪ سمجهون ٿا ان قسم جي گستاخي سان سندس شان تي ڪوبه اثر نه پوندو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڄي دنيا جي مسلم اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي دين اسلام خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪرڻ گهرجي هنن پاڪستان جي حڪومت کان پزور مطالبو ڪيو ته حڪومتي سطح تي فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

Read Previous

قومي عوامي تحريڪ جو محبت سنڌ بيداري مارچ ڀٽ شاھ کان مٽياري پهتو

Read Next

سانگهڙ جي مشهور سياسي سماجي شخصيت رئيس الھ بچايو نظاماڻي جي پھرين ورسي پريس ڪلب سانگهڙ جي سورھ بادشاهه ھال ۾ ملھائي وئي

Most Popular