سانگهڙ جي مشهور سياسي سماجي شخصيت رئيس الھ بچايو نظاماڻي جي پھرين ورسي پريس ڪلب سانگهڙ جي سورھ بادشاهه ھال ۾ ملھائي وئي

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سانگهڙ جي مشهور سياسي سماجي شخصيت رئيس الھ بچايو نظاماڻي جي پھرين ورسي پريس ڪلب سانگهڙ جي سورھ بادشاهه ھال ۾ ملھائي وئي جنهن کي خطاب ڪندي فقير محمد اسماعيل مھر ، رئيس مراد علي نظاماڻي، نواز ڪنڀر ، پروفيسر مبين وساڻ ، حبيب الله مري، ملڪ شير محمد ، امير بخش بڙدي، محمد حسن لانڊر علي حسن نظاماڻي ،،ظھير نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته رئيس الھ بچايو نظاماڻي سموري زندگي مسڪرائي گذاري ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليو، جنهن سموري زندگي سانگهڙ جي عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو، رئيس الھ بچايو نظاماڻي عام ماڻهن سان پيار ڪندڙ انسان ھو ھو صرف فنڪشنل مسلم ليگ جو اساسو نه پر سموري سانگهڙ جو اساسو ھو، سندس خاندان جون خدمتون سانگهڙ وارن کان ڪڏهن به نه وسرندو، وڏي ڳالهه ته خاموش رھي بنا ڏيکا جي عوام جي خدمت ڪئي

Read Previous

جمعت علماء اسلام ف پاران فرانس طرفان نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخانہ خاڪا جاري ڪرڻ خلاف احتجاج ۽ سخت نعريبازي

Read Next

سانگهڙ : چوٽياريون ۾سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضو ماھيگرن جي روزگار تي ڌاڙو آهي: ماھيگر

Most Popular