ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي سول اسپتال خيرپور جي آءِ سي يو وارڊ جي ٺھندڙ نئين عمارت جو دورو ڪري ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي سول اسپتال خيرپور جي آءِ سي يو وارڊ جي ٺھندڙ نئين عمارت جو دورو ڪري ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي هن ٺيڪيدار کي سختي سان هدايت ڪئي ته تعمير ٿيندڙ بلاڪ ۾ معياري ڪم ڪرايو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي شڪايت ملي ته ان جي رقم روڪي ڪئي ويندي. دوري دوران ڊسٽرڪٽ ھليٿ آفيسر محمد حسين ابڙو ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته ڄاڻايل ھال ۾ بجلي، پاڻي ۽ گئس جي فراهمي جو مسئلو آھي. ڊي سي خيرپور، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال جي مختلف وارڊن ۽ شعبن جو دورو ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻين عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسپتال ۾ ايندڙ هر مريض کي انساني خدمت تحت اوليت ڏيندي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي. ڊي سي خيرپور اسپتال جي راهدارين ۾ ماربل ۽ ٻين ڪمن جو تفصيل سان جائزو ورتو ۽ ڪم بابت لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ناقص ميٽريل جو استعمال ڪرڻ وارن کي بخش نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو، ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ، ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ آفيسر ڪرن شاهه راشدي ۽ ٻئي اسٽاف مختلف شعبن ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ معاملن تي تفصيل سان بريفنگ ڏني.

Read Previous

خيرپور ۾ پسند پرڻو ڏوهه بڻجي ويو، پيار جو پرڻو ڪندڙ ناريءَ جي ڀيڻ جي فرياد تي پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ سندس جي ڀاءُ مٿان زنا ايڪٽ تحت ڪيس داخل

Read Next

سجاول ۾ جمعيت علماء اسلام پاران تعلقي جنرل سيڪريٽري مولانا اشرف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ فرانس خلاف احتجاجي مظاھرو

Most Popular