خيرپور ۾ پسند پرڻو ڏوهه بڻجي ويو، پيار جو پرڻو ڪندڙ ناريءَ جي ڀيڻ جي فرياد تي پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ سندس جي ڀاءُ مٿان زنا ايڪٽ تحت ڪيس داخل

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) خيرپور ۾ پسند پرڻو ڏوهه بڻجي ويو، پيار جو پرڻو ڪندڙ ناريءَ جي ڀيڻ جي فرياد تي پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ سندس جي ڀاءُ مٿان زنا ايڪٽ تحت ڪيس داخل، نوجوان گرفتار، پيرسن والده ۽ ڀاڄائي جو احتجاج. خبر موجب هڪ سال اڳ تعلقي ميرواهه جي ڳوٺ ميوو خان منڱريو جي رهواسي نوجوان رفيق علي ولد خان محمد منڱريو پنهنجي ئي سئوٽ ناديه ڌيءَ غلام عباس منڱريو سان پسند جو پرڻو ڪيو هيو. جنهن ضديت تان گذريل مهيني ميرواهه ٿاڻي تي پسند پرڻو ڪندڙ ناري ناديه منڱريو جي ڀيڻ مسمات ريما منڱريو جي فرياد تي پريمي رفيق منڱريو ۽ سندس ڀاءُ ظفر منڱريو مٿان زناهه جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ جنهن بعد پوليس پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان رفيق منڱريو کي سندس جي گهر ۾ گهري گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جي اهڙي عمل خلاف نوجوان جي پيرسن امڙ مسمات راڻي منڱريو ۽ ڀاڄائي مسمات شهناز بيگم زال ظفر منڱريو خيرپور ۾ اخبار وارن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته ٺري ميرواهه پوليس ناديا منڱريو  جي پڦي مسمات شبيران جي چرچ تي اسان جي نوجوانن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري ڪيس خارج ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چیف جسٹس محمدعلي جو سنڌ جي تفریحي سیاحتي ماڳ گورک ھل اسٽیشن تي امڪاني دوري جي پروگرام ۾ سنڌ حڪومت گورک اٿارٽي. عملي ۽ ضلع انتظامیہ دادو جون ننڊون حرام ٿي ويون

Read Next

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي سول اسپتال خيرپور جي آءِ سي يو وارڊ جي ٺھندڙ نئين عمارت جو دورو ڪري ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو

Most Popular