سجاول ۾ جمعيت علماء اسلام پاران تعلقي جنرل سيڪريٽري مولانا اشرف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ فرانس خلاف احتجاجي مظاھرو

سجاول(ڊر)سجاول۾ جمعيت علماء اسلام يونٽ آمڙا اسٽاپ پاران تعلقي جنرل سيڪريٽري مولانا اشرف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ فرانس ۾ حضورِ اڪرم صہ جي شانِ اقدس ۾ گستاخانہ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مولانا اشرف،مولانا نصيب الله،جي ٽي آئي ضلعي سجاول جي صدر حمادالله انصاري چيو ته حضور اڪرم صہ جي عزت ناموس لاءِ مسلمانن جو ٻچو ٻچو مرڻ مٽجڻ لاءِ تيار آھي آقا نامدار حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي شان م فرانس طرفان گستاخانہ خاڪا شايع ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومتِ پاڪستان کان مطالبو ڪريون ٿا آھي اقوام متحده م ان ڳالھ جو جلد نوٽس وٺن ۽ پاڪستان ۾ قائم فرانسيسي سفارتخاني کي في الفور بند ڪري فرانس جي سفير کي گھرائي پنھنجو شديد ردِعمل ظاھر ڪندي انھن سان ھر لحاظ کان بائيڪاٽ جو اعلان ڪن.جي يو آئي پاران ان ڏينھن تائين احتجا جاڙي رھندو جسيتائين ان ملڪ مان فرانس جي سفير کي ڪڍيو نٿو وڃي.

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي سول اسپتال خيرپور جي آءِ سي يو وارڊ جي ٺھندڙ نئين عمارت جو دورو ڪري ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو

Read Next

اختلاف وساري آمريڪا جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين: جوبائيڊن

Most Popular