اختلاف وساري آمريڪا جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين: جوبائيڊن

واشنگٽن:  نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اختلاف وساري آمريڪا جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. آمريڪي رياست ڊيلاوئير جي شهر ولمنگٽن ۾ حامين کي خطاب دوران آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته هي آمريڪا کي گڏ ڪرڻ جو وقت آهي. سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ملڪ جي لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اختلاف وساري آمريڪا جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته آمريڪي عوام تبديلي جي لاءِ ووٽ ڏنو. ڪورونا جي وبا، خراب معيشت ۽ عوامي فلاح جا منصوبا اوليت جي بنياد تي هوندا. جڏهن ته ڪورونا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن تي ٻڌل ٽيم ٺاهي وئي آهي.  جوبائيڊن چيو ته آمريڪي عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي عوام آمريڪي تاريخ جا سڀني کان وڌيڪ 7 ڪروڙ 40 لک ووٽ ڏنا جنهن تي مان سندن ٿورائتو آهيان.  واضح رهي ته آمريڪي صدر چونڊن ۾ سخت مقابلي کان پوءِ ڊيموڪريٽ اميدوار جوبائيڊن آخرڪار ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏئي آمريڪا جون 46هون صدر چونڊجي ويو آهي.

Read Previous

سجاول ۾ جمعيت علماء اسلام پاران تعلقي جنرل سيڪريٽري مولانا اشرف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ فرانس خلاف احتجاجي مظاھرو

Read Next

پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات پنهنجي خوابن جي شهزادي بابت ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular