مٽياري : پي ٽي آئي پاران فرانس توهين آميز خاڪا ٺاهڻ خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي

مٽياري : پي ٽي آئي ضلعي مٽياري پاران ضلعي صدر حسين بخش ميمڻ جي اڳواڻي ۾ فرانس پاران توهين آميز خاڪا ٺاهڻ خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ جگنو سي اين جي مٽياري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران فرانسيسي صدر خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ زوردار نعريبازي،  ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي صدر حسين بخش ميمڻ،ضلعي جنرل سيڪريٽري اويس گل ميمڻ، آء ايس ايف حيدرآباد ڊويزن اڳواڻ ديپڪ ڪمار جيراماڻي، سيد زمان شاه لڪياري، ممتاز ٻاٽي، فقير اسماعيل سومرو، دلشير شاھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فرانس پاران توهين آميز خاڪا ٺاهي پوري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي ڪو به مذهب ڪنهن ٻئي مذهب جي روحاني رهبر خلاف توهين جي اجازت نٿو ڏي ان لاءِ فرانسيسي صدر کي مسلمانن کان سرعام معافي وٺڻ گهرجي پي ٽي آئي پوري ملڪ اندر فرانس خلاف احتجاج ڪيا آهن هنن چيو ته پي ڊي ايم ڪرپٽ ماڻهن جو ٽولو آهي جيڪو ٽولو هاڻي ملڪ دشمني تي لهي آيو آهي نواز شريف 40 سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود ملڪ جي عوام کي ڪجهه به نه ڏنو هاڻي پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪري پاڪ فوج کي بدنام ڪري رهيو آهي هنن چيو ته پي ڊي ايم تيزي سان ٽٽي رهي آهي پاڪستان جي فوج دنيا جي طاقتور ترین فوج آهي جيڪا ھر وقت ملڪ جي سرحدن تي وڙهي ملڪ جو دفاع ڪري رهي آهي. هوڏانهن پي ٽي آئي جو قافلو ضلعي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ۾ پي ٽي آئي جي رٿيل احتجاجي ريلي ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيو

Read Previous

آمريڪا ۾ ڪورونا ڪيس هڪ ڪروڙ کان وڌي ويا

Read Next

سنڌ اسان جي آهي، ۽ اسان جي هي رهندي : سنڌ جو صدر سيد شاھ محمد شاھ

Most Popular