آمريڪا ۾ ڪورونا ڪيس هڪ ڪروڙ کان وڌي ويا

نيويارڪ: سڄي دنيا ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي پکيڙ اڃان تائين رڪجي ناهي سگهي ۽ آمريڪا ۾ وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو گڏيل انگ هڪ ڪروڙ کان مٿي ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 1 لک 24 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ وائرس سبب متاثر ٿيل ماڻهن جو گڏيل انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي. آمريڪي رياست ٽيڪساس 10 لک کان وڌيڪ ڪيسن واري پهرين آمريڪي رياست بڻجي وئي آهي. جڏهن ته آمريڪا جي 41 رياستن ۾ ڪورونا  جي نون ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ نظر آئي آهي. هوڏانهن پرتگال ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ کان پوءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. پرتگال جي وزيراعظم انتونيوڪوسٽا ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ  سومر کان ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم پرتگال انتونيو ڪوسٽا موجب سومر کان ٻن هفتن جي لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو  پيو وڃي. سخت لاڪ ڊائون کان بچڻ جي لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ضروري آهي. ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ جو واحد رستو سماجي رابطن کان پاسو ڪرڻ آهي. ياد رهي ته پرتگال ۾ آڪٽوبر کان روزاني تقريبن 6 هزار ڪورونا وائرس جا ڪيس رپورت ٿي رهيا آهن.

Read Previous

راشد لطيف بابر اعظم کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بنائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

Read Next

مٽياري : پي ٽي آئي پاران فرانس توهين آميز خاڪا ٺاهڻ خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي

Most Popular