سنڌ اسان جي آهي، ۽ اسان جي هي رهندي : سنڌ جو صدر سيد شاھ محمد شاھ

سيوهڻ شريف رپورٽ( نظام الدين ڳنڀير) رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد پيروڪار۽ قوم پرست سياستدان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينئر اڳواڻ مير مولابخش لغاري جي چاليهي جي  موقعي تي سندس مزار تي قل شريف پڙھي گلن جي چادر چاڙھي وئي بعد ۾ مير هائوس باء پاس ڀان سيدآباد ۾ تقريب ٿي گزري۔مير مولابخش لغاري جي چاليهي جي تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي چيئرمين سيدجلال محمود شاھ ،  سيد ضياء شاھ ، ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر سيد شاھ محمد شاھ ،  جيئي سنڌ جهموري پارٽي جي اڳواڻ سيد راحيل شاھ ، جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين کوسو صاحب ، سردار درمحمد بوزادر ، مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي ڄامشورو صدر سيد صالح محمد شاھ ، امير علي ٿيٻو ، خدابخش ٿيٻو ، سينيئر ايڊووڪيٽ  سيد غلام شاھ ، وڏيرو خادم ڇڇر ، حافظ بخشل سيهڙو، ۽ ٻين سنڌ جي قومپرست  اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ مير مولابخش لغاري جي فرزند درياء خان لغاري جن مهمانن جو شڪريو گزار ادا ڪيو۽ بعد ۾ اڳواڻن قومپرست اڳواڻ مير مولابخش لغاري جي زندگيء تي روشني وجهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔

Read Previous

مٽياري : پي ٽي آئي پاران فرانس توهين آميز خاڪا ٺاهڻ خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي

Read Next

محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز، ڪنڊيارو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

Most Popular