سيوهڻ شريف رپورٽ( نظام الدين ڳنڀير) رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد پيروڪار۽ قوم پرست سياستدان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينئر اڳواڻ مير مولابخش لغاري جي چاليهي جي موقعي تي سندس مزار تي قل شريف پڙھي گلن جي چادر چاڙھي وئي بعد ۾ مير هائوس باء پاس ڀان سيدآباد ۾ تقريب ٿي گزري۔مير مولابخش لغاري جي چاليهي جي تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي چيئرمين سيدجلال محمود شاھ ، سيد ضياء شاھ ، ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر سيد شاھ محمد شاھ ، جيئي سنڌ جهموري پارٽي جي اڳواڻ سيد راحيل شاھ ، جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين کوسو صاحب ، سردار درمحمد بوزادر ، مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي ڄامشورو صدر سيد صالح محمد شاھ ، امير علي ٿيٻو ، خدابخش ٿيٻو ، سينيئر ايڊووڪيٽ سيد غلام شاھ ، وڏيرو خادم ڇڇر ، حافظ بخشل سيهڙو، ۽ ٻين سنڌ جي قومپرست اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ مير مولابخش لغاري جي فرزند درياء خان لغاري جن مهمانن جو شڪريو گزار ادا ڪيو۽ بعد ۾ اڳواڻن قومپرست اڳواڻ مير مولابخش لغاري جي زندگيء تي روشني وجهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔