محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز، ڪنڊيارو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

نوشھروفيروز(ڊ ر) محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز، ڪنڊيارو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا۔ نوشهروفيروز ۾ انصاف چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي محمد يونس راڄپر، ذوالفقار خاصخيلي، مشتاق مري، يوسف منگي، عطا حسين سمون، غلام مرتضي تڳر، راڻا شير محمد ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا۔ اڳواڻن جو چوڻ هو ته افسوس جي ڳاله آھي ته ڪيترائي مهينا گذري ويا آھن پر شھيد عزيز ميمڻ جو مک قاتل مشتاق سهتو کي هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو۔ ان کان علاو ضلعي جاصحافي پڻ عدم تحفظ جو شڪار آھن ۽ انهن کان گاڏيون ڦر ٿيڻ سميت ٻين ناانصافين جو سلسلو هلندڙ آھي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نوشھروفيروز پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ پوري طرح ناڪام ٿي چڪي آھي۔ هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شهيد عزيز ميمڻ جو مک قاتل مشتاق سهتو کي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ صحافين سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو نه ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو۔

Read Previous

سنڌ اسان جي آهي، ۽ اسان جي هي رهندي : سنڌ جو صدر سيد شاھ محمد شاھ

Read Next

فرانس ۾ گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ خلاف خيرپور جي سچل ٽيلر يونين جي ڪارڪنن ڦول باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

Most Popular