فرانس ۾ گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ خلاف خيرپور جي سچل ٽيلر يونين جي ڪارڪنن ڦول باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

خيرپور (رپورٽ رانجهن شيخ) فرانس ۾ گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ خلاف خيرپور جي سچل ٽيلر يونين جي ڪارڪنن  ڦول باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي،ريلي جي اڳواڻي عبدالرحيم ڦلپوٽو، شڪيل ميمڻ، اقبال سومرو، حفيظ عباسي، اياز شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ٽيلزر ماسٽر يونين جي ڪارڪنن فرانس جي صدر خلاف سخت نعريبازي ڪري سندس پتلو ساڙيو،  مظاهرين چيو ته عالمي سازش تحت فرانسي صدر آخري نبي ڪريم صه و سلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، ۽ سندن خاڪا ۽ مجسما ٺاهي توهين رسالت ڪري امت مسلما جي دل آزاري ڪئي آهي، هنن چيو ته ڪو به اسلام دل آزاري ۽ گستاخي جي اجازت نٿو ڏئي ،فرانس صدر جي گستاخانه عحرڪتن خلاف عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي ٻي صورت پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ مسلمان فرانس صدر خلاف سخت احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪندا،

Read Previous

محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز، ڪنڊيارو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

Read Next

نوابشاهه : سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ شهيد بينظير آباد پاران گورنمنٽ ڪاليج ڀرسان اوپن ايئر ٿيٽر ۾“ زندگي ايڪ تماشه” جي موضوع تي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو

Most Popular