نوابشاهه : سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ شهيد بينظير آباد پاران گورنمنٽ ڪاليج ڀرسان اوپن ايئر ٿيٽر ۾“ زندگي ايڪ تماشه” جي موضوع تي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ شهيد بينظير آباد پاران گورنمنٽ ڪاليج ڀرسان اوپن ايئر ٿيٽر ۾“ زندگي ايڪ تماشه” جي موضوع تي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو اسٽيج ڊرامي ۾ هيرو جو ڪردار امتياز علي ڪيريو، هيروئين جو ڪردار سنڌيا سنڌي، رڪاسا جو ڪردار سنڌرا شيخ، انسپيڪٽر جو ڪردار رحيم انصاري، هيرو جي پيءِ جو ڪردار عزيز جاني، ڪاميڊي جو ڪردار اسلام شاد، گُنڊي جو ڪردار وسيم مساوا، شاڪر ٻگهيو ۽ وسيم بروهي ڪردار ادا ڪيو انهي موقعي تي سنڌ جي سينئر اداڪارن امتياز ڪيريو، اسلم شاد ۽ ٻين چيو ته نوابشاهه ۾ گذريل 25 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد اسٽيج ڊرامو ٿيڻ بند ٿي ويو جنهن ڪري نوابشاهه جا سينئر اسٽيج اداڪار ڪيترن ئي پريشانين ۾ مبتلا رهيا هنن چيو ته هي اسان جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي جنهن جي شروعات ڪئي آهي هنن چيو ته انشاءُ الله جلد هڪ ٻيو بهترين قسم جو اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويندو هنن چيو ته اسان جو اسٽيج ڊرامو پيش ڪرڻ جو مقصد اصلاح هوندو آهي هن نفسا نفسي واري دور ۾ هتان جي ماڻهن کي تفريح مُحيا ڪرڻ ۾ نوابشاهه جي اداڪارن جو اهم ڪردار رهيو آهي هن ڊرامي ۾ نوابشاهه جي شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري اسان جي حوصلا افزائي ڪئي آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان هي ڊرامو پنهنجي خرچ تي ڪيو آهي جڏهن ته حڪومت پاران اسان جي ڪنهن به قسم جي سار نه لڌي وئي آهي حڪومت کي گهرجي ته اسٽيج ڊراما ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ته جئين زوال تي پهتل اسٽيج ڊرامن جو ٻيهر عروج اچي ۽ هتان جا ماڻهو ڪجهه گهڙيون پنهنجي پريشانين کي لڪائي لطف اندوز ٿين جڏهن ته بهترين ڊرامو لکڻ تي ڊرامي جي لکندڙ ثناءُ الله ڀٽي کي ڊرامي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن داد ڏنو.

Read Previous

فرانس ۾ گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ خلاف خيرپور جي سچل ٽيلر يونين جي ڪارڪنن ڦول باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

Read Next

مٽياري ضلعي جي سمورن شھرن ۽ ڳوٺن اندر بااثر شخصيتين ۽ پوليس جي تعاون سان منشيات جو وڏي پئماني تي ڪاروبار پيو ھلي

Most Popular