مٽياري ضلعي جي سمورن شھرن ۽ ڳوٺن اندر بااثر شخصيتين ۽ پوليس جي تعاون سان منشيات جو وڏي پئماني تي ڪاروبار پيو ھلي

نيوسعيدآباد رپورٽ جبار عمراڻي   مٽياري ضلعي جي سمورن شھرن ۽ ڳوٺن اندر بااثر شخصيتين ۽ پوليس جي تعاون سان منشيات جو وڏي پئماني تي ڪاروبار پيو ھلي,پوليس صرف خانه پري ڪرڻ لا۽ نشو واپرائڻ وارن ماڻھن خلاف ايف آ۽ آرون داخل ڪري ٿي جڏھن ته منشيات جي وڏن واپارين کان ھر ھفتي لکين رپيا ڀتو ٿي وٺي اھڙواظھار مٽياري ڊسٽرڪٽ منشيات مخالف عوامي اتحاد جي ڪنوينر ۽ مٽياري ضلعي جي سينيئر صحافي محمد اشرف کماڻ, سنڌ سڪار سوسائٽي جي ڪنوينر سردار اياز ميمڻ,جماعت اسلامي ضلعي مٽياري جي امير مولانا فقير محمد لاکو ۽ ڪامريڊ الله بخش ڄڙھ طرفان نيوسعيدآباد تعلقا پريس ڪلب جي اڳيان منشيات جي لعنت خلاف احتجاجي مظاھري ۾ تقرير ڪندي ڪيو, ھنن چيو ته نيوسعيدآباد شھر جو ھڪ مخصوص ٽولو منشيات جي وڪري ۽ تياري ۾ خطرناڪ صورتحال ڪري چڪو آھي انتظاميه,ايڪسائيز کاتي ھالا, اينٽي نارڪوٽيڪس حيدرآباد جا عملدار انھن منشيات جي اڏن تان ھرھفتي لکين رپيا ڀتو ٿا وصول ڪن, پوليس کي سمورن منشيات فروشن جي معلومات آھي پر منشيات فروشن جي پوليس سرپرستي پئي ڪري

Read Previous

نوابشاهه : سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ شهيد بينظير آباد پاران گورنمنٽ ڪاليج ڀرسان اوپن ايئر ٿيٽر ۾“ زندگي ايڪ تماشه” جي موضوع تي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو

Read Next

ماڊل ايان علي خلاف انڪوائري جي درخواست رد

Most Popular