ماڊل ايان علي خلاف انڪوائري جي درخواست رد

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪرنسي سمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي خلاف ڪسٽم اختيارين جي اينٽي لانڊرنگ ايڪٽ تحت جاچ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪسٽم اختيارين جي ڪرنسي سمگلنگ ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جا قلم شامل ڪرڻ جي اپيل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس غلام اعظم قمبراڻي محفوظ فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ ڪرنسي سمگلنگ ڪيس ۾ ايان علي خلاف ڪسٽمز جي اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت جاچ جي اپيل رد ڪئي وئي. عدالت ٽرائل ڪورٽ خلاف ڪسٽمز جي اپيل رد ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. واضح رهي ته ايان علي تي 5 لک ڊالر غير قانوني طور ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جي الزام تحت ڪسٽم اختيارين ڪيس داخل ڪيو هو.

Read Previous

مٽياري ضلعي جي سمورن شھرن ۽ ڳوٺن اندر بااثر شخصيتين ۽ پوليس جي تعاون سان منشيات جو وڏي پئماني تي ڪاروبار پيو ھلي

Read Next

گڏيل عرب امارتن ۾ غير شادي شده جوڙن کي گڏ رهڻ جي اجازت

Most Popular