گڏيل عرب امارتن ۾ غير شادي شده جوڙن کي گڏ رهڻ جي اجازت

ابو ظهبي:   گڏيل عرب امارتن قانون ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت شراب واپرائڻ سميت غير شادي شده جوڙن کي گڏ رهڻ جي اجازت هوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسلامي پرسنل لا ۾ غير معمولي ترميمن کانپوءِ غير شادي شده جوڙن کي گڏ رهڻ جي اجازت ملي وئي آهي، جڏهن ته 21 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ شراب واپرائڻ ۽ کپائڻ تي سزائون ختم ڪيون ويون آهن.  ترميم ٿيل قانونن کانپوءِ غيرت جي نالي تي قتل پڪڙ جوڳو ڏوهه هوندو، جڏهن ته اهڙن مردن لاءِ سخت کان سخت سزا هوندي، جيڪي عورتن کي هراسان ڪندا آهن. اماراتي حڪومت جو چوڻ آهي ته قانوني سڌارا حقيقت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول بهتر بڻائڻ ۽ رواداري جي اصولن کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهن.

Read Previous

ماڊل ايان علي خلاف انڪوائري جي درخواست رد

Read Next

لاهور قلندر جو رانديگر بن ڊنڪ پي ايس ايل ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهچي ويو

Most Popular