ڪراچي : ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ واٽر ٽئنڪر خانگي بينڪ ۾ ڪاهي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب نارٿ ناظم آباد ۾ هڪ واٽر ٽينڪر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري هڪ خانگي بينڪ ۾ ڪاهي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ شخص کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته حادثي ۾ واٽر ٽينڪر جو ڊرائيور ۽ ڪلينر به زخمي ٿي پيو آهي. واقعي واري هنڌ تي امدادي ڪم جاري آهي جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ به ڪئي پئي وڃي.