سيد غلام حيدر شاهه قلندري.
اڄڪلهه بغير پرت جي ولرن جا ولر کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري پيا آهن، ڪي پکين جي صورت ۾ ته ڪي وري حيوانات جي صورت ۾، پر پالتو حلال جانور ۽ پالتو حلال پکين جي لاءِ ڌڻي جي نگھباني ضرور آھي، متان ڪو خوني جانور نقصان نه پھچائي، چون ٿا ھڪ گدڙ صبح سوير ننڊ مان اٿيو ان وقت سج اڃان اُڀريو پئي، هُن پنهنجي پاڇولي ۽ ڇانوَ کي ڏٺو جيڪا ٽن فٽن کان وڏي نظر پئي آيس، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خيالي پلاءَ پچايائين ته منھنجي ھن قد بت لاءِ شڪار به ڪو وڏو جانور ھجي، ٿلھو متارو ھجي، وزن ۾ به وزني ھجي، ھو ھڪدم پاڇولي کي ڏسي پنهنجي اوقات وڃائي ويھي رھيو ته ھي ڇانوَ سج جي روشني وڌڻ جي ڪري منهنجي جسامت ۾ واڌ نظر ڪري رهي آهي، اصل ۾ آئون ھڪ گدڙ آھيان، اُھا ڳالهه وساري جهنگ ۾ منھن ڪري نڪري پيو، شڪار جي ڳولا ۾ سج اچي ٽيپھري جو مٿي وچ تائين پھتو، وري جو ڇانوَ ڏٺائين ته اصلي صورت نظر آيس چيائين ته ھن جسم لاءِ ته فقط هڪ خرگوش سھو ئي ڪافي آھي، سج جڏھن مڪمل چمڪڻ لڳو تڏھن ھڪ گدڙ کي پنهنجي اصليت ياد ڏياري ڇڏيائين ته ھو شينھن نه گدڙ آھي، ائين انسان سان گڏوگڏ پالتو جانور به ڀلجي پون ته ھن معاشري ۾ خوراڪ ھٿ ڪرڻ لاءِ سکيا ضروري آھي، ڪو ھنر اچڻ گھرجي، اھو بغير استاد جي ناممڪن آھي، ائين ڪو پالتو جانور بغير ڪنھن مالڪ جي خوراڪ کي ڳوليندين ڳوليندين پاڻ خوراڪ ٿي وڃي ٿو، ھن معاشري جا بگڙ وجهه نھارين پيا ته ڪو بغير مالڪي وارو ولر ھٿ لڳي، ھو به سويري سويري شڪار جي تلاش ۾ نڪرن ٿا گھمندا گھمندا آزاد ۽ ڇڙو ڇڙ ننڌڻڪو ولر جانچين ٿا، پر جيڪڏھن پري کان ڪنھن ولر ۾ گھنٽي جو آواز اچڻ لڳندو آھي ته سمجھي ويندا پڪ ھنن جي پويان ضرور ڪو ڌڻي ھوندو، ظاھر نه کڻي پر لڪيل ضرور ھوندو، خوف کان پري پيا گھمندا ويجھا ڪو نه ايندا، ائين ولر به محفوظ رھندو ۽ بکايل بگهڙن کي شڪار ڪو نه ملندو، ائين اسان کي وڏي ڌيان سان معاشري جي بگھڙن کان بچڻ لاءِ ڌڻياتو ٿيڻ کپي، يعني تعليمي طرح روحاني طرح جسماني طرح عملي ۽ قلمي طرح ڇورو ڇنو نه نڪرڻ گھرجي، جئين اسان جي ذھن سان ڪو بگڙ شرارت نه ڪري وجھي، تڏھن چون ٿا ڌڻ ته ڌڻي نت وڪڻ کڻي، ھن وقت اھڙا شيطاني وڪيل ٽولا نڪري پيا آھن جيڪي نفس وانگر ان گدڙ وانگر وڏي جسامت سج ظاھر ٿيڻ وقت ڏسي شڪار لاءِ ھلڻ لڳا، جڏھن سج ظاھر ٿي بيٺو ته فقط ڦڪائي وچان گنگون لاڙي واپس ٿيا، انھن کي سمجھڻ گھرجي ته ڌڻ ڌڻين جي حوالي آھي اوھان کي اڪيلو ڪو نه ملندو، اوھان وڃي بغير مالڪي وارا جانور شڪار ڪريو، جيڪي جاھل ۽ بي عمل آھن جيڪي بي عقلي ۾ شڪار ٿي ويندا. دوستو ڌڻي کان سواءِ چالي ڌڻين کان مٺيون ڀيڙي ڀڄو.