ڳوٺ ابراهيم لُنڊ ۾ عشقِ مصطفيٰ صہ و عاشقانِ مصطفيٰ صہ ڪانفرنس جي عنوان سان عظيم الشان پروگرام منعقد ڪيو ويو

سجاول:(ڊر) سيرت ڪميٽي يونٽ ڳوٺ ابراهيم لُنڊ ۾  عشقِ مصطفيٰ صہ و عاشقانِ مصطفيٰ صہ ڪانفرنس جي عنوان سان ھڪ بھترين عظيم الشان پروگرام قاري دلدار مستوئي جي زيرِ نگراني منعقد ڪيو ويو پروگرام ۾ آس پاس جي مختلف ڳوٺن جي ماڻھن کان علاوه ضلعي سجاول جي سڀني شھرن کان ڪافي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي ، ڪانفرنس ۾ مولانا علي شير حيدري شھيدرح جي ننڍي ڀاءُ حضرت علامه ثناء الله حيدري صاحب، حضرت علامہ عبدالله سنڌي صاحب ۽ سنڌ جي مشھور نعت خوان  اسدالله ڦلپوٽي شرڪت ڪئي.جن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته عشقِ مصطفيٰ صہ جي حقيقي تقاضا اها ئي آهي ته اسان پنھنجي زندگين  ،پنھنجي گھرن، پنھنجي اولاد پنھنجي معاشري ۾ شريعتِ محمدي صه کي نافذ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺون ڇو ته انھي ۾ ئي اسانجي ڪاميابي ۽ ڀلائي آھي ۽ ناموسِ رسالت صه جي لاءِ ڪو سمجھوتو قبول نه ڪريون پنھنجي آخري پيغمبر صہ جي عزت عظمت ناموس تي حملو ڪندڙن کي منھن توڙ جواب ڏيئي ھڪ سچي اُمتي جو ثبوت ڏيون جھڙي طرح حضور اڪرم صه جي پاڪ جماعت صحابه ڪرام رضہ عاشقانِ مصطفيٰ صہ جو ثبوت ڏنو جن حضور اڪرم صه جي ناموس ۽ دينِ اسلام جي فروغ ۽ سربلندي لاءِ پنھنجين جانين جا نظرنا ڏيئڻ کان به نه ڪِيٻايو ۽ الله  ۽ ان جي صہ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ عظيم قربانيون ڏيئي دنيا و آخرت ۾ سُرخرو ٿي ويا حقيقت ۾ سچي مؤمن جي  نشاني ئي اھا آھي تہ ھو پنھنجي اولاد، ماءُ پيءُ گھر دنيا جي عيش عشرت  ۽ پنھنجي ساھہ کان وڌيڪ پنھنجي رسول صه سان سچي محبت ڪري ان ۾ ئي دنيا ۽ آخرت جو فائدو آھي،

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي ڌڻُ ته ڌڻِي، نه ته وِڪڻُ کڻي

Read Next

سجاول جي اسڪولن مان پٽيوالا غائب ٿي ويا، استاد پاڻ صفائي ڪرڻ لڳو

Most Popular