سڪرنڊ : شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جيهڙو لٺيون سروٽا سريا لڳڻ ڪري شيخ ٻن ڌرين جا 4 ماڻھون زخمي

سڪرنڊ )رپورٽ علي اصغر چوباڻ(  سڪرنڊ ڀرسان شاليمار ڪوچ اسٽاپ وٽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جيهڙو لٺيون سروٽا سريا لڳڻ ڪري شيخ ٻن ڌرين جا چار ماڻھون زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ٽئين ڀائر شامل جن سردار شيخ سني سيخ اختيار شيخ ۽ ٻئي ڌر جو ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ٻئي پاسي ٻانڌي واسين جمالي برادري جي ماڻهن پاران موٽر سائيڪل پنچر لڳائڻ دوران منھن ماري بعد جيھڙيندڙن ڌرين جو جمالي برادري جي عبدالرزاق جمالي اختيار جمالي تي لٺين سروٽن سرين جو وسڪارو ڪندي سخت زخمي ڪري وڌو ٻئي پاسي جيھڙيندڙن ٻنھي ڌرين جي عورتن پاران واقعي واري هنڌ سخت احتجاج ڪندي ھڪٻئي تي تي الزامن ھڻڻ سميت سڪرنڊ پوليس تي ڌر ھجڻ جو الزام سٽي انچارج قربان لاکو سان منهن ماري جڏهن ته جيھڙي جو ڪارڻ سرڪاري پلاٽ تي مالڪي ڪرڻ جو ٻڌايو پيو وڃي ڄاڻايل سرڪاري پلاٽ تي مالڪي تان پھرين به جيھڙو ٿيون ھو سڪرنڊ پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪندي گرفتار ڪيل جوابدار ڇڏي ڏنا ھوڏانھن زخمي ٿيل جمالي برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اسان اصل رھواسين ٻانڌي جا آهيو صابوراھو شاديءَ جي تقريب تان واپسي بعد موٽر سائيڪل پنچر ٿي پيو ان دوران شيخ برادري جي ماڻهن حملو ڪري ڏنو

Read Previous

سجاول جي اسڪولن مان پٽيوالا غائب ٿي ويا، استاد پاڻ صفائي ڪرڻ لڳو

Read Next

سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي به قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين

Most Popular