سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي به قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين

مٽياري : سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي به قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين،فرانس ۾ اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ تي دلي صدمو پھتو آھي حضور نبي ﷺ جن جو شان اعلا ۽ افضل آهي حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو،، اڳوڻو صوبائي وزير سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ ،، تفصیل موجب،، مٽياري ۾ ھڪ نجي ٽي وي چينل جي افتتاحي تقريب دوران اڳوڻي صوبائي وزير سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي به قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين سنڌ سان ھميشہ ويساگھاتيون ٿينديون پيون اچن سنڌ ڌرتي اسان سنڌين جي ماءُ آهي ان تي ھر دفعي مختلف طريقن سان وار ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ان وڌيڪ ڳالھائئندي چيو ته فرانس ۾ جيڪو اسان جي پياري نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي خاڪا ٺاهڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ فرانس جي اھڙي ڪريل حرڪت سان اسان مسلمانن کي دلي طور تي شديد صدمو پهتو آهي، ھن مٽياري ضلعي اندر ۽ خاص طور تي مٽياري ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر واري شهر مٽياري ۾ امن جي صورتحال ڏينھو ڏينهن خراب ٿيڻ شھرن ۽ نيشنل ھاء وي تان ڦرن، ڌاڙن ۽ چورين جو آزار وڌڻ تي ايس ايس پي مٽياري کي فوري طور تي ڪنٽرول ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مٽياري ضلعي جو ايس ايس پي ھڪ نوجوان ۽ سي ايس ايس آفيسر آهي پاڻ فوري طور تي ضلعي اندر امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پنهنجو اھم ڪردار ادا ڪري ضلعي جي عوام مان خوف ۽ بيچيني ختم ڪري،،،

Read Previous

سڪرنڊ : شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جيهڙو لٺيون سروٽا سريا لڳڻ ڪري شيخ ٻن ڌرين جا 4 ماڻھون زخمي

Read Next

نيوسعيدآباد : باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ باگڙي برادري جا 10 ڪچاوان گھر سڙي ويا

Most Popular