سجاول جي اسڪولن مان پٽيوالا غائب ٿي ويا، استاد پاڻ صفائي ڪرڻ لڳو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري) ضلعي جو درجو رکندڙ سجاول جي اسڪولن مان پٽيوالا غائب ٿي ويا.اسڪول جي صفائي سميت بازار مان ٻيو سامان استاد پاڻ وٺي اچڻ لڳا.ڊي او پرائمري سميت ضلعي انتظاميه خاموش خبرموجب:ضلعي جو درجو رکندڙ شھر سجاول جو  اسڪولون ٻين بنيادي سھوليتن کان محروم ھجڻ سان گڏ اسڪولن مان پٽيوالا به غائب ٿي ويا.سجاول شھر جي ڪيترن ئي اسڪولن مان پٽيوالا نه ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.سجاول جي مين الھاشميه اسڪول،پڪا شيڊ اسڪول جنھن ۾ گذڙيل ڪيترن مھينن کان پٽيوالو نه ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.جنھن سبب استاد کي سخت مشڪلات جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.پٽيوالو نه ھجڻ ڪري اسڪول جي صفائي سٿرائي سميت اسڪول جا ٻيا ڪم استادن کي ڪرڻا پئجي رھي آھي.استادن پاران اسڪول جي صفائي واري تصوير سوشل ميڊيا تي اچڻ کانپوء سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليم پھرين به تباهي جي ڪناري تي آھي پر جيڪي اسڪول ھلي رھيا آھن انھن ۾ بنيادي سھولتون اڻ لڀ آھن.ھاڻ اسڪولن مان پٽيوالا غائب آھن.جنھن سبب اسڪول جي صفائي استادن کي ڪرڻي پئجي رھي آھي.ڊي او پرائمري ۽ ضلعي انتظاميه ننڊ پيل آھي.ھنن چيو ته سجاول جي اسڪولن مان پٽيوالن کي مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ڊي او پرائمري ۽ ضلعي انتظاميه جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو

Read Previous

ڳوٺ ابراهيم لُنڊ ۾ عشقِ مصطفيٰ صہ و عاشقانِ مصطفيٰ صہ ڪانفرنس جي عنوان سان عظيم الشان پروگرام منعقد ڪيو ويو

Read Next

سڪرنڊ : شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جيهڙو لٺيون سروٽا سريا لڳڻ ڪري شيخ ٻن ڌرين جا 4 ماڻھون زخمي

Most Popular