ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پشاور-ڪراچي موٽروي ۽ هيڊ برج جي تعمير جي سلسلي ۾ لينڊ اڪيوزيشن جا معاملا فوري طور تي اُڪلائڻ جي هدايت

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پشاور-ڪراچي موٽروي ۽ گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ اوور هيڊ برج جي تعمير جي سلسلي ۾ لينڊ اڪيوزيشن جا معاملا فوري طور تي اُڪلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اهڙيون هدايتون پنهنجي آفيس ۾ لينڊاڪيوزيشن معاملا اڪلائڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون، اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر-ون سکر اختر حسين قريشي، ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله، سروي سپرينٽنڊنٽ خيرپور صفدر ميراڻي ۽ لاڳاپيل تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ لينڊ اڪيوزيشن آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل ٻڌايو ته موٽروي جي سلسلي ۾ پنوعاقل جي رُڳو هڪ ديهه جي سروي جو ڪم رهيل آهي، ٻيا معاملا گهڻي ڀاڱي مقامي سطح تي حل ڪيا ويا آهن جلد سيڪشن فور نوٽيفاءِ ڪيو ويندو. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر هدايت ڪئي ته روينيو رڪارڊ جي خراب پوزيشن کي جلد بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته موٽروي جي حقيقي متاثرن کي معاوضي جي ادائگيءَ لاءِ رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ سروي جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر (لينڊ اڪيوزيشن آفيسر) رڪارڊ جي پوزيشن بابت سرٽيفڪيٽ ڏيندو بعد ۾ ئي ڊپٽي ڪمشنر سيڪشن-فور نوٽيفاءِ ڪندو. ڪمشنر سکر ڊويزن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته ٻن ڏينهن اندر سمورا لينڊ اڪيوزيشن آفيسرز پروجيڪٽس ۾ ايندڙ زمينن جي حقيقي پوزيشن بابت ڊي سيز وٽ سرٽيفڪيٽ ڏيندا بعد ۾ سيڪشن-6 لاءِ ڪمشنر آفيس ڏانهن لکپڙهه ڪئي وڃي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر طرفان ايندڙ رپورٽ بلڪل صاف هئڻ گهرجي اُن ۾ ڪي به ابهام يا غلطيون نه هئڻ گهرجن. ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کي هدايت ڪئي ته پنهنجي ذميواري محسوس ڪئي وڃي ۽ لينڊاڪيوزيشن جو هڪ هڪ ڪيس ڌار ڌار ويريفاءِ ڪري معاملا فوري طور تي حل ڪيا وڃن ۽ سيڪشن فور ۾ آيل سروي نمبرز جي سائيٽ تي وڃي ٻيهر ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي سروي سپرينٽنڊنٽ جي ٽيم کي به گهرايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته هفتي بعد 16 نومبر تي ان ڏس ۾ ٻيهر گڏجاڻي ٿيندي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سمورن ڪيسن جي تصديق ڪري جامع رپورٽ پيش ڪندو. اجلاس دوران ڊي سي گهوٽڪي عثمان عبدالله ٻڌايو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ اوور هيڊ برج پروجيڪٽ جي لينڊاڪيوزيشن معاملن جي سلسلي ۾ 10 ۽ 11 نومبر تي گڏيل سروي رٿيل آهي جنهن بعد رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر هدايت ڪئي ته گڏيل سروي واري ڪم ۾ سروي سپرينٽنڊنٽ ۽ روينيو کان علاوه لاڳاپيل منصوبي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، ورڪس اينڊ سروسز جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي ضرور شامل ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پُل جي سلسلي ۾ لينڊ اڪيوزيشن معاملا 10 ڏينهن اندر حل ڪيا وڃن ان ڏس ۾ ڪابه دير يا سستي برداشت نه ڪئي ويندي.

Read Previous

سکر پوليس پاران گذريل رات باگڙجي جي ڪچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان رشيد خروس کي مارڻ جي دعوي

Read Next

موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ روڊ حادثات ۾ گهٽتائي ۽ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ بنا معاوضي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي

Most Popular