موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ روڊ حادثات ۾ گهٽتائي ۽ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ بنا معاوضي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ ) موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ روڊ حادثات ۾ گهٽتائي ۽ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ بنا معاوضي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي دی ایس پی موتروے سکر خالد محمود نواز . تفصيل موجب آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن ڊاڪٽر آفتاب احمد  پٺاڻ ۽ ڊي آءِ جي موٽر وي سنڌ غلام سرور ڀيو جي خصوصي هدايتن تي روڊ سيفٽي جي حوالي سان موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ روڊ  حادثن ۾ گهٽتائي ۽ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ بنا معاوضي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، روڊ سيفٽي  جي حوالي سان موٽر وي پوليس طرفان سکر جي  خانگي اسڪول ۾ ٽريفڪ قانون  تي عمل ڪرڻ ۽  روڊ حادثن کان بچاءَ لا ليڪچر  منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول جي پرنسپال، استادن، ٻارن ۽ ٻئي اسٽاف  وڏي انگ  ۾ شرڪت ڪئي،  ان موقعي تي دی ایس پی موتروے سکر خالد محمود نواز ۽ موبائل ايجوڪيشن سکر جي آفيسر انسپيڪٽر صلاح الدين پيچوهو شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ٽريفڪ قانون تي عمل ۽  احتياطي  اُپاءَ اختيار ڪري پنهنجي ۽  ٻين جي جانين کي بچائي سگهجي ٿو،بد قسمتي سان پاڪستان ۾ روڊ حادثن جو بنيادي ڪارڻ ٽريفڪ قانون تي عمل نه ڪرڻ ۽ بي احتياطي سان روڊ تي گاڏي هلائڻ آهي، ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ هر ٽن منٽن ۾ هڪ ٻار روڊ حادثي سبب فوت يا  معذور ٿي ويندو آهي ۽ انهن ۾ وڌيڪ  انگ  پوئتي پيل ملڪن جو آهي، جن ۾ روڊ حادثن ۾ قيمتي جانيون زيان ٿينديون آهن، ان حوالي سان آءِ جي  موٽر وي ڊاڪٽر ڪليم امام جي خصوصي هدايت تي  موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ هيٺين سطح تي تعليمي ادارن  ۽ پبلڪ هنڌن تي  روڊ سيفٽي جا مختلف پروگرام منعقد ڪري  پاڪستان ۾ روڊ حادثن ۾ گهٽتائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، هن چيو ته خاص طور تي اسڪولن ۾ ننڍن  ۽ وڏن ٻارن کي ٽريفڪ قانون بابت مفيد ڄاڻ ڏني پئي وڃي ، جڏهن ته  پاڪستان ۾  موٽر وي پوليس  اهو  واحد ادارو آهي جيڪو روڊ سيفٽي ۽ روڊ حادثن   کان بچاءَ  بابت مختلف پروگرام منعقد  ڪري قيمتي جانين کي حادثن کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي، تقريب  جي پڄاڻيءَ تي اسڪول پرنسپال ۽  انتظاميا موٽر وي پوليس جي آگاهي پروگرام ۾خصوصي دلچسپي وٺندي اڳتي به اهڙا مفيد پروگرام منعقد ڪرائڻ لاءِ خواهش جو اظهار ڪيو، هنن چيو ته اسڪول جا  ٻار سکر جي ڏورانهن علائقن مان پڙهڻ لاءِ ايندا آهن  ۽ اهڙا پروگرام ٻارن ۽ انتظاميا کي روڊ حادثن کان بچائڻ لاءِ مفيد ثابت ٿيندا.

Read Previous

ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پشاور-ڪراچي موٽروي ۽ هيڊ برج جي تعمير جي سلسلي ۾ لينڊ اڪيوزيشن جا معاملا فوري طور تي اُڪلائڻ جي هدايت

Read Next

پنو عاقل لڳل ڪچي جي پل تي ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب پل ٽٽي تباهه ٿي وئي

Most Popular