سکر پوليس پاران گذريل رات باگڙجي جي ڪچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان رشيد خروس کي مارڻ جي دعوي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر پوليس پاران گذريل رات باگڙجي جي ڪچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان رشيد خروس کي مارڻ جي دعوي، مارجي ويل جي وارث عورتن، مردن پاران ڪلام پاڪ کڻي سکر پريس ڪلب آڏو پوليس ۽ مخالفن خلاف احتجاج، پوليس مٿان بيگناھ نوجوان کي مخالفن جي چوڻ تي مارڻ جو الزام. خبرموجب:سکر جي باگڙجي واري ڪچي ۾ سکر پوليس پاران مبينا مقابلي رشيد خروس کي مارڻ خلاف وارث عورتن.۽ مردن پاران سکر پريس ڪلب آڏو ڪلام پاڪ کڻي پوليس ۽ مخالفن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سکر جي علائقي سعيد آباد جي رهواسي خروس برادري جي عورتن معصوم ٻارڙن ۽ مردن پاران پوليس ۽ مخالفن جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي عابد خروس، فقير محمد خروس، مائي ليلان، شہربانو. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو تہ گذريل رات پوليس مخالفن سان گڏجي اسان جي نوجوان رشيد خروس کي ڪوڙي مقابلي ماري مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال به ڦر ڪيو ويو آهي مارجي ويل نوجوان ڏوهاري نه هو پر مخالفن شاهنواز خروس، لطيف، علي ڏنو ۽ ٻين سان ملي ڀڳت ڪري پوليس گهر تي حملو ڪري نوجوان کي ناحق ڪوڙي مقابلي ۾ ماري 36 کان وڌيڪ مينهون ۽ مال ڦر ڪيو آهي هنن آئي جي سنڌ ۽ ٻين کان نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. ٻءي طرف پوليس جو چوڻ آھي ت ايءرپورٽ ٿاڻي جي حد اندر ڏوھارين پوليس سان مقابلو ڪيو مقابلي دوران ڏوھاري کي گوليون لڳڻ سبب ماريجي ويو

Read Previous

سکر پوليس پاران گذريل رات باگڙجي جي ڪچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان رشيد خروس کي مارڻ جي دعوي

Read Next

ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پشاور-ڪراچي موٽروي ۽ هيڊ برج جي تعمير جي سلسلي ۾ لينڊ اڪيوزيشن جا معاملا فوري طور تي اُڪلائڻ جي هدايت

Most Popular