سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ ) موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ روڊ حادثات ۾ گهٽتائي ۽ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ بنا معاوضي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي دی ایس پی موتروے سکر خالد محمود نواز . تفصيل موجب آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ ۽ ڊي آءِ جي موٽر وي سنڌ غلام سرور ڀيو جي خصوصي هدايتن تي روڊ سيفٽي جي حوالي سان موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ روڊ حادثن ۾ گهٽتائي ۽ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ بنا معاوضي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، روڊ سيفٽي جي حوالي سان موٽر وي پوليس طرفان سکر جي خانگي اسڪول ۾ ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرڻ ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ لا ليڪچر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول جي پرنسپال، استادن، ٻارن ۽ ٻئي اسٽاف وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي دی ایس پی موتروے سکر خالد محمود نواز ۽ موبائل ايجوڪيشن سکر جي آفيسر انسپيڪٽر صلاح الدين پيچوهو شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ٽريفڪ قانون تي عمل ۽ احتياطي اُپاءَ اختيار ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي جانين کي بچائي سگهجي ٿو،بد قسمتي سان پاڪستان ۾ روڊ حادثن جو بنيادي ڪارڻ ٽريفڪ قانون تي عمل نه ڪرڻ ۽ بي احتياطي سان روڊ تي گاڏي هلائڻ آهي، ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ هر ٽن منٽن ۾ هڪ ٻار روڊ حادثي سبب فوت يا معذور ٿي ويندو آهي ۽ انهن ۾ وڌيڪ انگ پوئتي پيل ملڪن جو آهي، جن ۾ روڊ حادثن ۾ قيمتي جانيون زيان ٿينديون آهن، ان حوالي سان آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر ڪليم امام جي خصوصي هدايت تي موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ هيٺين سطح تي تعليمي ادارن ۽ پبلڪ هنڌن تي روڊ سيفٽي جا مختلف پروگرام منعقد ڪري پاڪستان ۾ روڊ حادثن ۾ گهٽتائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، هن چيو ته خاص طور تي اسڪولن ۾ ننڍن ۽ وڏن ٻارن کي ٽريفڪ قانون بابت مفيد ڄاڻ ڏني پئي وڃي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ موٽر وي پوليس اهو واحد ادارو آهي جيڪو روڊ سيفٽي ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ بابت مختلف پروگرام منعقد ڪري قيمتي جانين کي حادثن کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي، تقريب جي پڄاڻيءَ تي اسڪول پرنسپال ۽ انتظاميا موٽر وي پوليس جي آگاهي پروگرام ۾خصوصي دلچسپي وٺندي اڳتي به اهڙا مفيد پروگرام منعقد ڪرائڻ لاءِ خواهش جو اظهار ڪيو، هنن چيو ته اسڪول جا ٻار سکر جي ڏورانهن علائقن مان پڙهڻ لاءِ ايندا آهن ۽ اهڙا پروگرام ٻارن ۽ انتظاميا کي روڊ حادثن کان بچائڻ لاءِ مفيد ثابت ٿيندا.