دادو رپورٽ (محمد علي شيخ) دادو جي شهري عبدالله ملاح احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي وڏي ڀاءِ عبدالغني ملاح کي 1994 ۾ غني آٽوز دوڪان جي ملڪيت تان منهنجي ويڳڻ ڀائرن بخشل ملاح ۽ عبدالستار کيس کي گهر اندر مٿي ۾ ڌڪ هڻي سخت تشدد ڪرڻ بعد پسٽل جا فائر ڪري سيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هئو ان وقت منهنجي پيءِ مرحوم عبدالڪريم ملاح قاتلن خلاف ڪيس داخل نه ڪرايو هئو. جڏهن ته 2013 منهنجو پيءِ عبدالڪريم فوت ٿي ويو، بعد ۾ ساڳيا ٽئي ويگا ڀائر مننهنجي امڙ کان زبردستي ڪروڙين رپين جي جائداد جن ۾ 68 جريب زرعي زمين سميت دوڪانن –پلاٽن ۽ جڳهن جا دستاويز ڪاغذات کڻي هليا ويا. اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪندو رهيس، انتظاميه سياسي مداخلت سبب ڌر ٻڻجي منهنجو فرياد وٺڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو بعد ۾ عدالت سڳوريءِ ۾ انصاف خاطر وڪيل معرفت درخواست ڏني. جنهن کان پوءِ مذڪوره جوابدار مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي موت مار ڌمڪيون ڏين پيا ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ حراسان ڪن پيا. بيروزگار آهيان پيءِ جي جائداد مان حق ڏياريو وڃي ۽ ڀاءِ جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏياري وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس. جنهن جا ذميوار چونڊيل نمائيندا ۽ ضلع انتظاميه هوندي، جڏهن ته هن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ پاڪستان ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلاول ڀٽو زرداري ، آي جي سنڌ ، ڊي آي جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي آهي ته کيس تڪڙو انصاف مهيا ڪري ڏنو وڃي