مٽياري : صوبائي وزير روينيو ۽ رليف مخدوم محبوب الزمان جي هدايتن تي م عوام کي مهنگائيءَ کان رليف ڏيارڻ لاءِ “بچت بازارون” قائم ڪرڻ جو فيصلو

مٽياري  : صوبائي وزير روينيو ۽ رليف مخدوم محبوب الزمان جي هدايتن تي مٽياري ضلعي جي عوام کي مهنگائيءَ کان رليف ڏيارڻ لاءِ ضلعي انتطاميه پاران “بچت بازارون” قائم ڪرڻ جو فيصلو ويو آهي ، جتي خاص طور تي اٽو ۽ کنڊ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ سستي اگهه تي دستياب ھوندو،،،  وزير روينيو سنڌ جي هدايتن بعد ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ضلعي جي شهري توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ مارڪيٽ ڪميٽين، بيورو آف سپلائي اينڊ پرائيسز، يوٽيلٽي اسٽورز ۽ آٽا چڪي مالڪن جي سهڪار سان بچت بازارون قائم ڪرڻ جي هدايت ڏني ويئي آهي. جنهن کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زھراڻي  پاران مٽياري تعلقي جي واپارين سان ھڪ گڏجاڻي ڪئي وئي جنھن ۾ روزمرهه جي استعمال جي شين جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ واپارين کي ھدايتون جاري ڪيون ويون ڊپٽي ڪمشنر مٽیاري غلام حيدر چانڊيو پاران اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري ۽ مختيار ڪار مٽياري کي بازارن جا دورا ڪرڻ ۽ منافعه خوري ڪندڙ واپارين خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڏيندي کين روزانه جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد ظھراڻي چيو ته ضلعي  انتظاميه پاران قائم اسٽالن تي اٽو 42 روپيه في ڪلو دستياب ھوندو،

Read Previous

ڪشمور ڀرسان ڳوٺ خاوند بخش ملڪ ۾ ڪراچي واسيڻ معصوم نياڻي عليشان بيبي سان مبينه زيادتي هڪ جوابدار گرفتار

Read Next

دادو جي شهري عبدالله ملاح احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

Most Popular