مورو ۾ مختيارڪار آفيس جي ڪلارڪن تپيدارن عملي آفيسن جي تالا بندي ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو

مورو ۾ مختيار ڪار حفيظﷲ ميمڻ سان آفيس م ٿيل زيادتي ۽ مورو پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف مختيارڪار آفيس جي ڪلارڪن تپيدارن عملي آفيسن جي تالا بندي ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري  احتجاجي مظاهرو ڪري  مورو پريس ڪلب آڏو  علامتي بک ھڙتال ڪئي جنهن ۾ روينيو جي ملازمن تپيدارن سميت شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جنھن جي اڳواڻي مختيارڪار مورو حفيظ اللہ ميمڻ، اسسٽنٽ مختيارڪار امجد ڪورائي، تپيدار حافظ دين محمد سولنگي، محمد جمن بھڻ دوست علي جسڪاڻي  زاھد عباس ميمڻ، بخشل بھڻ، سھراب عالماڻي، اياز بھڻ، روشن سولنگي، شمس الدين ڪوريجو، امتياز سولنگي، سڪندر سولنگي، ياسين ڪورائي، عمران سولنگي، منظور سولنگي، فياض احمد ملڪ، عبداللحميد نول، عمران لانگاھ، عزيز احمد، محمد خان سوھو، مسعود ميمڻ، اسداللہ شاھي، جاويد سيھڙ، عبدالحڪيم سومرو ظفرﷲ ٻگھيو بشير احمد ڀٽي رائو عزيز احمد ء ٻيا ڪري رھيا ھيا جتي مختيارڪار مورو حفيظ اللہ ميمڻ ٻڌايو تہ مون وٽ آفتاب سولنگي ء رياض سولنگي  سيل سرٽيفڪيٽ ڪڍرائڻ لاءِ آيو جيڪو سرڪاري پراپرٽي جو غير قانوني ڪم  ھيو جنھن جي انڪار تي مون کي گارگند ڪئي ء ڌمڪيون ڏنيون   بوٽ لاھي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي ء ڌمڪيون ڏيندا ھليا ويا جنھن کانپوءِ اسان جلوس جي صورت م مورو ٿاڻي تي ايس ايڇ او وٽ فرياد کڻي پھتاسين ء پوليس کي ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جو چيو پر پوليس فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان ڪجهه به ڪون ڪنداسين   ھن چيو تہ مون آفيسر سان اھڙو ورتاءُ آھي عام ماڻھن کي  پوليس    ڪھڙو ورتاء هوندو   اھا سراسر ناانصافي آھي مان آفيسر آھيان زيادتي ٿيڻ باوجود انصاف نہ ٿو ڪيو وڃي، جيڪڏھن ٿيل زيادتي جو ازالو نہ ڪيو ويو ء حملو ڪندڙ جوابدار  آفتاب سولنگي  ء رياض سولنگي مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار نہ ڪيو ويندو تيستائين احتجاج جاري رھندو آفيس جي تالا بندي ڪم ڇڏ هڙتال هوندي

Read Previous

خيرپور وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام پاران خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو دورو

Read Next

سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو اينٽي انڪروچمنٽ عملو حددخلين بجاء مافيا جو ساٿاري بڻجڻ لڳو!!! استمبول هوٽل ڪيفي جو هوٽل جي حد اندر ٺھيل تندور ڊاهڻ بعد هوٽل کي سيل ڪري ڇڏيو

Most Popular