سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو اينٽي انڪروچمنٽ عملو حددخلين بجاء مافيا جو ساٿاري بڻجڻ لڳو!!! استمبول هوٽل ڪيفي جو هوٽل جي حد اندر ٺھيل تندور ڊاهڻ بعد هوٽل کي سيل ڪري ڇڏيو

سکر() سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو اينٽي انڪروچمنٽ عملو حددخلين بجاء مافيا جو ساٿاري بڻجڻ لڳو سکر جي تعليمي بورڊ لڳ قائم استمبول هوٽل ڪيفي جو هوٽل جي حد اندر ٺھيل تندور ڊاهڻ بعد هوٽل کي سيل ڪري ڇڏيو هوٽل مالڪ انجنيرطارق سعيد لاکو اينٽي انڪروچمنٽ فورس خلاف داهيندي چيو آھي ته سال 2000۾ be اليڪٽرانڪس ڪئي هئي سرڪاري نوڪري نه ملڻ سبب بورڊ آفيس سکر لڳ استمبول ڪيفي نالي سان هوٽل کوليو هو ڊبل روڊ ٺھڻ کانپوء ان علائقي جي ويليو وڌي وڃڻ ڪري ڪجھ بااثر مافيا گزريل هڪ سال کان مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪري سستي اگھ تي هوٽل خريدڻ چاهن پيا نه ڏيڻ تي بلا جواز هوٽل کي اينٽي انڪروچمنٽ  فورس ذريعي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪرائي آھي گزريل رات اسسٽنٽ ڪمشنرنئون تعلقوسکر۔مختيارڪار ۽ ميونسپل اينٽي انڪروچمنٽ نئون سکر جي عملي هيوي مشينري سان هوٽل جو تندور ۽ ديوار کي ڊاهي هوٽل سيل ڪري ڇڏيو آھي ۔هن ٻڌايو ته  سنڌ هائي ڪورٽ بينچ سکر 9 سيپٽمبر2020 تي هوٽل جي 2100اسڪوئر فوٽ ايراضي جي مالڪيت بابت سندس ڀاء خالد سعيد ولد مرحوم سعيد احمد لاکو جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ باوجود ڪاروائي ڪرڻ عدالت جي فيصلي جي توهين آھي هن اعليٰ اختيارن کي هوٽل سيلڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاه ڪرڻ جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي

Read Previous

مورو ۾ مختيارڪار آفيس جي ڪلارڪن تپيدارن عملي آفيسن جي تالا بندي ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو

Read Next

روٽري ڪلب پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ معزز شهرين ، مختلف ادارن جي آفيسرن ، سياسي و سماجي شخصيتين ، صحافين سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي

Most Popular