شھري اتحاد سجاول جو اجلاس صدر اڪرم ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ شھري اتحاد جي عھديدارن شرڪت ڪئي

سجاول(ڊر) شھري اتحاد سجاول جو اجلاس صدر اڪرم ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ شھري اتحاد جي عھديدارن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي نئي آيل ايس پي سجاول ۽ ٽي ايم او سجاول سان گذڙيل ھفتي ٿيل ملاقات جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.جنھن ۾ شھري اتحاد جي عھديدارن منير احمد،عبدالخالد،اياز نياز ميمڻ،شاداب جوڻيجو سميت ٻين چيو ته گذڙيل ھفتي ايس پي سجاول الطاف حسين  ۽ ٽي ايم او منير منگي سان ملاقات ڪئي وئي جنھن ۾ سجاول ضلعي ۾ منشيات جو سرعام وڪڙو ٿيڻ جوا آڪڙا سميت ٻين براين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بابت لکت ۾ ايس پي سجاول کي درخواست ڏني پر ڪوبه عمل نه ٿيو.ٽي ايم او سجاول به شھر جي صفائي سٿرائي سميت شھر جا جائز مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آھي.ھنن اجلاس ۾ چيو ته ٻنھي آفيسرن سان سڀاڻي ملاقات ڪري جواب وٺنداسين پوء شھري اتحاد سجاول پاران جدوجھد جو اعلان ڪيو ويندو.ھوڏانھن شھري اتحاد جي پريس سيڪريٽري عتيق الرحمان چيو ته ايس پي سجاول منشيات کي ٻچو ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آھي.سجاول ضلعي ۾ گٽڪو،مائو،چرس،ھيرون سميت ٻيون نشي واريون شيون کلي عام وڪڙو ٿيڻ لڳيون آھن.پر ايس پي سجاول اگھور ننڊ پيل آھي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي ته سڀاڻي ايس پي سجاول سان ملاقات ڪري کيس ڏنل درخواست بابت جواب وٺنداسين جيڪڏھن ايندڙ ھفتي تائين  منشيات وڪڙو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي ته ايس ايس پي آفيس سجاول اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

سجاول سپر ليگ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پھتو

Read Next

آمريڪا ۾ ڪورونا سبب صورتحال انتهائي خراب، هڪ لک پنجٽيهه هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Most Popular