آمريڪا ۾ ڪورونا سبب صورتحال انتهائي خراب، هڪ لک پنجٽيهه هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

واشنگٽن:   آمريڪا ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ لک 35 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. آمريڪي ميڊيا موجب ٻن هفتن جي دوران صرف ڪيليفورنيا رياست ۾ ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ 32 سيڪڙو واڌ نظر اچي رهي آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا سبب متاثر مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 56 لک 8714 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 لک 45 هزار 943 ماڻهو  هينئر تائين حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ٻئي طرف برطانيه ۾ به ڪورونا وائرس سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ 532 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. فوتين جو انگ مئي جي حوالي سان بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. ڪورونا وائرس پکيڙجڻ سبب اسڪاٽ لينڊ جي وڌيڪ ڪيترن ئي علائقن ۾ سختي ڪئي وئي آهي جڏهن ته آسٽريا ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان کان علاوه فرانس ۾ وڌيڪ 22 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيا آهن جنهن کان  پوءِ اڄ صحت واري وزارت جو اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

Read Previous

شھري اتحاد سجاول جو اجلاس صدر اڪرم ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ شھري اتحاد جي عھديدارن شرڪت ڪئي

Read Next

گوگل ميپ رستن جي ڳولا ۾ آساني لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Most Popular