ڪرپشن ثابت ٿي ته سرعام ڦاسي تي چڙهي وينديس:اداڪاره ميرا

لاهور: مشهور اداڪاره ميرا چيو آهي ته جيڪڏهن مون مٿان ڪرپشن ظاهر ٿي ته آئون سر عام ڦاسي تي چڙهي وينديس. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اداڪاره ميرا پاڻ مٿان لڳل الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجا دبئي ۾ ولاز آهن جيڪي منهنجي نالي تي آهن ته پوءِ آئون ڪرپشن ڇو ڪنديس. اداڪاره ميرا اهو به چيو ته آئون سمورين ايجنسين کي چوان ٿي ته هو منهنجو احتساب ڪن، ڇو ته آئون ڄاڻان ٿي ته آئون سچ تي آهيان، جيڪڏهن منهنجي مٿان ڪرپشن ثابت ٿي وڃي ته آئون سرعام ڦاسي چڙهي وينديس. پريس ڪانفرنس دوارن بينڪ اسٽيٽ منٽ سامهون آڻڻ جو چوندڙ اداڪاره ميرا ٿوري دير ۾ ئي پنهنجي بيان تا ڦري وئي،اسٽيٽ منٽ جي حوالي سان صحافين پاران سوال پڇڻ تي اداڪاره آپي مان نڪري وئي ۽ صحافين سان سخت ڳالهائڻ بعد پريس ڪانفرنس اڌ ۾ ڇڏي هلي وئي. 

Read Previous

نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، سرفراز احمد جي واپسي

Read Next

آءِ جي سنڌ جي اغوا وارو معاملو: (ن) ليگ جاچ رپورٽ عوام آڏو آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular