آءِ جي سنڌ جي اغوا وارو معاملو: (ن) ليگ جاچ رپورٽ عوام آڏو آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:    مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻن آءِ جي سنڌ سان پيش ايندڙ واقعي جي جاچ رپورٽ تي خدشن جوا ظهار ڪري ڇڏيو آهي.   مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جاچ رپورٽ ناهي آئي پر هڪ بار لاٿو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه  آفيسرن جذبات ۾ اچي آءِ جي کي اغوا ڪري ورتو. شاهد خاقان عباسي چيو ته جذبات ۾  اچي آ3 جي کي اغوا ڪري سگهجي ٿو ته عوامي تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ جذبات ۾ اختيارن کان مٿانهون قدم به کڻي سگهجي ٿو.  هن چيو ته  آءِ جي جي اغوا جون حقيقتون عوام جي سامهون آنديون وڃن ۽ آءِ جي جي اغوا واري رپورٽ کي عوام آڏو عام ڪرڻ گهرجي ٻئي صورت ۾  عوام ٻڏتر جو شڪار رهندو. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ(ن)  جي اڳواڻ خواجه آصف رپورٽ جي حوالي سان چيو آهي ته رپورٽ جيڪڏهن حقيقتن تي ٻڌل هجي ها ته  اهو بهتر قدم هو. آفيسرن جي خلاف جاچ عوام جي سامهون آندي وڃي ته نوازشريف جي بي اعتمادي جو به ازالو ٿي ويندو.  ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اءِ ايس پي آرج ي پريس رليز ۾  عوامي دٻاءُ جو ذڪر آهي اهو دٻاءُ تحريڪ انصاف جي وزيرن طرفان وڌو پيو وڃي. پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ مصطفيٰ کوکر چيو ته اصل سوڀ حڪومت ۽ وزيراعظم جي ٿي. ياد رهي ته آءِ ايس پي آر ڪالهه مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري جي واقعي تي انسپيڪٽر جنرل(آءِ جي)سنڌ جي خدشن واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪري سنڌ رينجرز ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس(آءِ ايس آءِ) جي لاڳاپل آفيسرن کي ذميوارين تان هٽائي ڇڏيو هو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپل آفيسرن سخت عوامي رد عمل ۽ تيزي سان بدلجندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال  کي نظر ۾ رکندي سنڌ پوليس جي  عمل کي سستي جو شڪار ڏٺو ۽ پنهنجي حيثيت ۾ جذباتي رد عمل جو مظاهرو ڪيو. لاڳاپيل آفيسرن کي اهڙي صورتحال کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها جنهن سان رياست جي ٻنا دارن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون.

Read Previous

ڪرپشن ثابت ٿي ته سرعام ڦاسي تي چڙهي وينديس:اداڪاره ميرا

Read Next

اٽو ۽ کنڊ چوري ڪندڙن مٿان فرد جرم لاڳو ڇو نٿي ڪئي وڃي: مريم اورنگزيب

Most Popular