نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، سرفراز احمد جي واپسي

لاهور:   پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سرفراز احمد کي به شامل ڪيو ويو آهي.  هيڊ ڪوچ مصباح الحق پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته نيوزيلينڊ جو دورو ڪپتان بابر اعظم لاءِ امتحان هوندو ۽ بطور ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان هي ان جو پهريون  چلينج آهي. ذريعن موجب نيوزيلينڊ جي دوري تي 20 ڄڻن تي ٻڌل سپورٽ اسٽاف به ويندو. ٽيم 23 نومبر تي نيوزيلينڊ روانو ٿيندي ۽ اتي 15 ڏينهن قرنطينه ۾ گذاريندي.  روانگي کان اڳ سمورن رانديگرن جو ڪورونا ٽيسٽ ڪيو ويندو ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ به ٽيسٽ ڪيا ويندا. سمورن رانديگرن کي بائيو سيڪيور ماحول ۾ رکيو ويندو. نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 3 ٽي 20 ۽ 2 ٽيسٽ ميچ کيڏندي جيڪي 18 ڊسمبر کان 7 جنوري تائين جاري رهندا. قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ نيوزيلينڊ جي لاءِ 5 اوپنرز کي شامل ڪيو ويو آهي.  9 مڊل آرڊر بيسٽسمين، 3 وڪيٽ ڪيپر، 5 اسپنرز ۽ 10 فاسٽ بالر به گڏ ويندا. قومي اسڪواڊ ۾ عابد علي، عبدالله شفيق، فخرالزمان، امام الحق، شان مسعود، ذيشان ملڪ، بابر اعظم، اظهر علي، دانش عزيز، فواد عالم، حيدر علي، حارث سهيل، حسين طلعت، عمران بٽ، افتخار احمد، خوشدل شاهه ۽ محمد حفيظ به شامل آهن.  سرفراز احمد، روحيل نذير، محمد رضوان، عماد وسيم، شاداب خان، عثمان قادر، ياسر شاهه، ظفر غوري، عماد بٽ، فهيم اشرف، حارث رئوف، محمد عباس، محمد حسنين، محمد موسيٰ، نسيم شاهه، شاهين شاهه آفريدي، سهيل خان ۽ وهاب رياض به اسڪواڊ جو حصو آهن.

Read Previous

گوگل ميپ رستن جي ڳولا ۾ آساني لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Read Next

ڪرپشن ثابت ٿي ته سرعام ڦاسي تي چڙهي وينديس:اداڪاره ميرا

Most Popular