موجوده ظالم حڪومت هلندڙ سال ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويندي: مريم نواز

مريم نواز

گلگت:   مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف، مريم نواز ۽ مسلم ليگ(ن)  ظالم حڪومت جي آڏو ڪڏهن به نه جهڪندي. موجوده ظالم حڪومت هلندڙ سال ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويندي.  رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز گلگت بلتستان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده ظالم حڪومت هي سال ختم ٿيڻ کان اڳ واپس وڃڻ واري آهي. هن چيو ته اسان ظالم جي آڏو ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪائينداسين. شايد ئي ڪو  اهڙو ظلم رهجي ويو هجي جيڪو نوازشريف مٿان نه ڪيو ويو هجي. عوام بک وگهي مري رهيو آهي ۽ وزيراعظم چوي ٿو ته مهانگائي ناهي. عوام  جهوليون کڻي وزيراعظم ۽ حڪومت کي پٽي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم کي غريب عوام جو ڪوبه احساس ناهي. وزيراعظم جي ڀرپاسي ۾ عوام جي کيسن تي ڌاڙا هڻڻ وارا موجود آهن. ظالم حڪمرانن جي مٿي تي صرف انتقام جو جنون سوار آهي.  هي هاڻ  اهو چئي رهيا آهن ته مهانگائي جي ذميوار(ن) ليگ آهي. هي چون ٿا ته مهانگائي(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو اسان جي خلاف پروپيگنڊا آهي. مريم نواز چيو ته هڪ طرف عوام جو مذاق اڏائيندڙ  ۽ ٻئي طرف عوام جي تڪليف رکندڙ نوازشريف آهي. هن چيو ته مسلم ليگ(ن) ساڍا 7 ارب روپين جا منصوبا ڏنا. مسلم ليگ(ن) عوامي خدمتن کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي.

Read Previous

اٽو ۽ کنڊ چوري ڪندڙن مٿان فرد جرم لاڳو ڇو نٿي ڪئي وڃي: مريم اورنگزيب

Read Next

ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان ملاقات

Most Popular